Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي…
- (بيت) صُوفِي سالِمَ سي وِئا، جٖي…
- (بيت) صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،…
- (بيت) صُوفِي چائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفِيءَ…
- (بيت) صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن…
- (بيت) صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي…
- (بيت) عالَمُ آئُون ساڻُ، ڀَرئو ٿو…
- (بيت) ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي…
- (بيت) ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي صوفي ۽ طالب جو بيت
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
رسالن ۾ موجودگي: 90 سيڪڙو
سمجهاڻي
حق جو طالب هڪ محل (ماڙيءَ) وانگر آهي يا هڪ وڏي سهڻي چشمي مثال آهي. روميءَ جو فڪر يا سمجهاڻي اها آهي تہ جن اهو هنڌ ۽ لقاءُ ڏٺو (خبر پئي)، تہ پوءِ اهي هميشه ماٺ ۾ رهيا. (اهي ٻي ڪا ڳالهہ ڪري نہ سگهيا.)
[هن ۽ ايندڙ پنجن بيتن ۾ دنيا جي عظيم صوفي شاعر مولانا جلال الدين روميءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي تہ هو طالب کي قصر يا محل ڪوٺي ٿو ۽ هن کي سونھن يا حسن جو سرچشمو چوي ٿو. روميءَ کان اڳ جنيد بغدادي پڻ طالب جي هر منزل کي قصر سان تشبيھ ڏني آهي. مثنويءَ ۾ طالب يا سالڪ کي قصر ڪوٺڻ جي حوالي سان هي شعر ملن ٿا:
چون بدانستيم ما کين تن نہ ايم،
از وراي تن بيزدان مي زئيم.
اي خنک آن راکه ذات خود شناخت،
اندر امن سرمدي قصري بساخت.
(دفتر پنجم ب 340_41)
معنيٰ: هاڻي اسان کي خبر پيئي تہ اسان صرف هي ظاهري جسم نہ آهيون، بلڪ ان ظاهري جسم کان علاوہ اسان خدا جي ڪري زندہ آهيون. انهيءَ ڪري اهو وڏي بخت وارو آهي جنھن پاڻ کي سڃاتو ۽ هميشه امن ۽ سلامتيءَ وارو محل پاڻ لاءِ حاصل ڪيو.
اهڙيءَ طرح ’سر‘ لفظ جيڪو فارسيءَ جو آهي، روميءَ جو پسنديدہ اصطلاح آهي ۽ ڪيترين ئي معنائن ۾ استعمال ڪري ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشقي گرزين سرو گرزان سرست
عاقبت ما را بدان سر رهبر ست
(دفتر اول ب 111)
معنيٰ: عاشقي هن طرف جي هجي يا هُن طرف جي، پر آخرڪار انهيءَ اصل (خدا جي ذات) ڏانھن رهبري ڪندڙ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1021
طَالِبُ قَصَرُ سُنْهَ سَرُ اِيَ رُوْمِيَ جِيْ رُوْءِ﮶
جَنٍ ڎِٽِيْ جُوْءِ تَنِ ڪُڇِئُوْ ڪِيْنَڪٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तालिबु क़स़रु सूंहँ सरु। ईअ रूमीअ जी रूइ।
जनी डि॒ठी जोइ। तनि कुछिओ कीनकी॥
ROMAN SINDHI
Taalib'u QaSar'u soonhn sar'u, ee'a rumi'a jee roo'e,
Janee Dithhee joo'e, tan kuchhiyo keena'kee.
TRANSLATIONS
According to Moulana Roomi, and that is a fundamental with him, the entire mankind seek Him. The fountain Head of all beauty is Allah, the Unique. Those who have attained to that stage and reached the realm of the Prime keep mum.
آمدی اندر جھاں اے ممتحن
ہیچ می بینی طریقہ آمدن
(Roomi)
O human being! you came to this world. Do you find therein any clue to the way you came here?
Roomi believed whole Beauty's origin seeks,
Those who know of it not a word of it they speak.
Seekers are numerous, fountainhead of beauty is one, this Rumi believes.
Those who saw the place kept mum.
تدوره كل هذه الكائنات وأصله جمال.
هذه فكرة رومي.
الذين رؤوا هذا المنزل.
لم يتكلموا باللسان ولا ينطقون.
طلسمِ رنگ و بود، ترتیب دادہ آنکہ در احساس
جہاں در جستجہ حیران، کہ تابیند جمالِ او
گرفتم نکتہ از رومی، پذیرفتم کہ می گوید
ھمہ آثارِ عشق آمد، پدیدار از کمالِ آو
حُسن حقیقی لبھدی دنیا رومی نے فرمایا
جو وڑیا اِس جُوہ دے اندر ہوش حواس گوایا
موجزن چشمۂ حقیقت ہے اور طالب شکار کثرت ہیں
پیر رومی کے جاودان اقوال رہنمائے رہِ حقیقت ہیں
دیکھ کر اپنی منزل مقصود کتنے خاموش اہلِ حیرت ہیں
چشمئہ حُسن کا جگ طالب، رومی نے فرمایا،
جس نے پایا بھید حسن کا، بات نہ لب پر لایا،
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)