Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي…
- (بيت) صُوفِي سالِمَ سي وِئا، جٖي…
- (بيت) صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،…
- (بيت) صُوفِي چائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفِيءَ…
- (بيت) صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن…
- (بيت) صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ…
- (بيت) طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي…
- (بيت) عالَمُ آئُون ساڻُ، ڀَرئو ٿو…
- (بيت) ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي…
- (بيت) ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي صوفي ۽ طالب جو بيت
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
طالب محل جيان آهي ۽ حسن (ازلي) جو منڍ (سر چشمو) آهي. روميءَ جو اهوئي دلپسند نظريو آهي. (هو وڌيڪ چوي ٿو تہ) پھرين پاڻ کي فنا ڪجي تہ پوءِ محبوب جو ديدار حاصل ٿيندو. (پاڻ کي فنا ڪرڻ سان ئي محبوب جو ديدار حاصل ٿي سگهندو)
[مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ طالب جي ظاهري جسم کي قصر سان هن ريت تشبيھ ڏني ويئي آهي:
قصر چيزَي نيست ويران کن بدن
گنج در ويراني ست اي مير من
(دفتر ششم ب 3422)
معنيٰ: اهي محل ماڙيون ڇا ٿيندا آهن؟ تون پنھنجي ان جسم کي فنا ڪر. اي منھنجا سهڻا، خزانو ويرانيءَ ۾ لڀندو آهي!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1019
طَالِبُ قَصَرُ سُنْهَ سَرُ رُوْمِيَ جِيْ رِهَانِ﮶
پِھْرٍ وِڃَائَنُ پَانُ پُوْءِ پَسَنُ پِرْيَجُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तालिबु क़स़रु सूंहँ सरु।रूमीअ जी रिहाणि।
पिहरीं विञाअणु पाणु। पोइ पसण प्रींअ जो॥
ROMAN SINDHI
Taalib'u QaSar'u soonhn sar'u, rumi'a jee rihaann,
Pehreen winjaenn paann'u, poe passann'a pireen'a jo.
TRANSLATIONS
It is stated by Moulana Roomi that the mankind seek Allah who is the fountain head of all beauty. He sought multiplicity as against His Unity. It is necessary to annihilate the human identity completely before expecting to see Allah.
قرب نی بالا نی پستی رفنی رفتن است
قرب حق از جنس ہستی رستن است
(Roomi)
The nearness to Allah is not attained by soaring high or diving low. It is attained by releasing from (or annihilating) the phenomenal existence
Seekers are numerous, fountainhead of beauty is one, this is what Rumi talks about,
Self-annihilation comes first and then comes vision of the beloved.
حسن حقیقی لبھدی دنیا رومی ایہو کیہندا
خود مٹائی جس نے اپنی درشن اوس نوں ہوندا۔
دوستو! خوب دلنشیں کرلو قولِ رومی کہ بیش قیمت ہے
محو طالب فریبِ کثرت میں موجزن چشمۂ حقیقت ہے
ختم اپنے وجود کو کر دے گر طلب گارِ حسنِ وحدت ہے
چشمئہ حسن کا جگ طالب ہے، رومی کہے یہ بات،
دیکھے تو وہ ذات، گر خودداری کو تج دے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)