ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون…
- (بيت) اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾،…
- (بيت) جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون…
- (بيت) جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا…
- (بيت) رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون…
- (بيت) طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ…
- (بيت) لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ…
- (بيت) مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ…
- (بيت) ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي،…
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ،
ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ،
لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهڙن ڪاپڙين (سُورهيہ سالڪن) کي ڪاڪ (وارين جا حسين جلوا) ڪڏهن بہ پاڻ وٽ روڪي نہ سگهيا. نڪي هُو (طلسماتي) محلاتن تي موهت ٿيا، بلڪ هُنن کي حسين ۽ جميل ٻانهيون توڻي وڏ گهراڻيون عورتون پنھنجن ناز نخرن سان سوگهو ڪري نہ سگهيون. هو اهڙيون سوين هزارين سهڻيون ۽ سُندر ناريون اُتي ئي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌي ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3699
ڪَاڪِ نَجَلِئَا ڪَاپَرِيْ مُوْهِئَا نَمَحْلَنِ﮶
ٻَانِنِ ئٖيْ ٻَائِنِ جٖيْ ٻَڌَنِ ڪِيْنَ ٻَجَنِ﮶
لَکہ﮼ لَاهُوْتِيَنِ اِهَرِيٌ اُوْرٖيْ ڇَڎِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
काकि न झलिआ कापड़ी। मोहिआ न मह्लनि।
बां॒हियुनि एं बा॒इनि जे। बं॒धणि कीन ब॒झनि।
लखें लाहूतियनि। इहड़ियूं ओरे छडि॒यूं।
ROMAN SINDHI
Kaak na Jhaliya kapirri, mohiya na mahalan,
Banhyun aen Bayun je, Bandhann keen BaJhan,
Lakhen lahootiyan, ahrriyoon ore chhaDiyon.
TRANSLATIONS
(Inspite of the beauties there) the Kak could not restrain the Kapris, nor were they fascinated by the palace there. (There are innumerable palaces in Paradise). They could not be detained by the beautiful women (Mumal's sisters) and their entourage. The fact is that these ascetics have ignored millions of such women on this side (or half way).
Note: (1) Here too, as in the previous verse No. 3, Sodhis may be interpreted as the princesses. Factually Mumal and her companions were Gujar and not Sodhi women. Here they may mean the houris of Paradise.
(2) The goals of the ascetics was Allah and the intervening pleasures of Paradise did not interest them.
Yogis were not stopped by Kaak's gorgeous palaces,
They were not caught in the snare of maid's or mistress lures,
They paid no heed to innumerable such faces.
Kaak could not stop Lahootis, places did not seduce them,
Mistresses and maids failed to bridle them,
The divines left behind millions like them.
لم يمنع لم يرد قصر كاك المتجولين المتزهدين ولم تعجبهم القصور.
ولم يتورطو فى شباك جمال وحسن السيدات والجاريات.
العابدون والزاهدون لم يروا المعشوقين مثلهم ولم يروا صور زيهم أبدا.
کاک نہ جھلے جوگیڑے، نہ محلاں موہے
بیگماں تے کنیزاں دے، بندھن وچ نہ بجھے
لاہوتیاں نے لکھے، سن پچھے ایسیاں چھڈیاں
کاک دا جادو چل نا سکیا جوگی گئے ناکیلے
بانکے حُسناں نال اداواں ہور وی کیتے حیلے
اکھ نا چُکی بے پرواہواں ٹر گئے لڑ چُھڑاکے
پسند آئے نہ رنگیں قصر و ایواں
نہ بھائی مہہ وشوں کی کج ادائی
زن و زر کی کشش اہل طلب کو
نہ سنگ راہ بن کر آڑے آئی
کسی نے کاک کو مڑ کر نہ دیکھا
کچھ ایسی بے خودی دل میں سمائی
ہوا محسوس جیسے آگئی ہو
سمٹ کر ایک مرکز پر خدائی
رلاتا ہے اب ان کے بعد اکثر
حسینوں کو خیال نارسائی
کاک محل کی بھول بھلیاں، سب سے گئے نکل،
گوری موہ سکی نہ ان کو، لاکھ دکھائے چھل،
سندر جیسی مومل، لاکھوں چھوڑ چلے لاہوتی۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)