Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون…
- (بيت) اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾،…
- (بيت) جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون…
- (بيت) جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا…
- (بيت) رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون…
- (بيت) طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ…
- (بيت) مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ…
- (بيت) ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي،…
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ ننڍا وڏا ڪيترائي شڪاري (پاڻ کي چالاڪ ۽ هوشيار سمجهي) پيا ڪاڪ تي اچن وڃن، پر راڻي جي سونهن ۽ هوشياريءَ وارو ٻيو ڪو نہ آهي. راڻي جي عشق واري آڳ ۾ اکيون توڻي ٻيا سڀ عضوا اندر ئي اندر ۾ پيا جلن ۽ سَڙن. اي راڻا مينڌرا! اهي ڪيئن خوش رهي سگهن ٿيون، جن کي تو پاڻ (عشق جي) سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3766
لُوْڊِيْ لَکَہ اَچَنِ رُوْءِ رَانٖيْ جٖين نَاهِڪُوْ﮶
هِکُہ اِکِيٌ ٻِئَا اَنکِّرَا پَرِ م﮼ ٿَا پَچَنِ﮶
سٖيْ ڪِيَ مَئِدَرَا مَچَنِ جٖيْ تُوْ سُوْڊَا سُوْرِيَ چَارِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लोडी लख अचनि। रूए राणे जे नाहि को।
हिकु अखियूं बि॒आ अङुड़ा। परि में था पचनि।
से कीअं मेंधरा मचनि। जे तो सोढा सूरीअ चाड़हियूं।
ROMAN SINDHI
LoDHe lakh achan, roo'e rani je nah'e ko,
Hik'u akhiyun Biya angrra, par me tha pachan,
Se keean mendhara machan, je to soDhha sooree'a charrhiyoon.
TRANSLATIONS
Innumerable reformers visited the world, but none of them had the countenance (or influence) of Rano. My eyes and other limbs are secretly pining for him. "O Mendhra! How can they put on weight, those whom you have put on the scaffold (of love)?
Note: لوڌي literally means those persons who force the wild beasts to come out of their hide outs to be killed. Here the word means the Prophets and saints, who waged war against their 'nafs'.
Countless Lodhies may come, none has a countless like that of Raano,
My eyes and my entire body is secretly burning for him,
How can they ever be happy whom you have put on gallows.
لکھاں سوڈھے پر رانے ورگا ہور نظر نا آوے
اکھاں مست نورانی چہرہ تیج نا جھلیا جاوے
مچن کیوں نا لاٹاں اندر برہوں لانبو لائے
میں نے دیکھی ہیں صورتیں کیا کیا
لیکن اس کا نہیں کوئی ثانی
جس نے بخشی ہے دیدۂ و دل کو
خلوت افروز آتش افشانی
رانا جیسا اور نہ کوئی، لاکھوں کاک میں آئیں،
اس کو دیکھن کارن، اکھیاں، ہائے! سلگتی جائیں،
کیسے وہ مسکائیں، جو ہیں ہجر کی سولی پر۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)