Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون…
- (بيت) اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾،…
- (بيت) جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون…
- (بيت) جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا…
- (بيت) رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون…
- (بيت) طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ…
- (بيت) لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ…
- (بيت) مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ…
- (بيت) ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي،…
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ ٻيا الائجي ڪيترائي سوڍا ٿي گذريا، پر راڻي سوڍي جھڙو دولهہ داناءُ ٻيو ڪو بہ ڪونهي. هن جڏهن خالص عشق جي ڪمان ڪشي، جنھنڪري هن جي مقابلي ۾ ٻيا سڀ اڪابر جلدي ميدان ڇڏي ويا. مطلب ٻيو ڪو بچيو ئي ڪو نہ، ميدان ۾ صرف مينڌرو ئي مينڌرو رهجي ويو (هن جي هاڪ ۽ نالو رهجي ويو).
[هن بيت ۾ ’ڪمان ڪشڻ‘ واي تشبيهہ سڌو سنئون مثنويءَ تان ورتل آهي. جيئن هنن شعرن ۾ چوي ٿو:
همچو احمد که کمند انداخت جانش،
تا کمندش بُرد سوي آسمانش،
گفت حقش اي کمند اند از بيت،
آن ز من دان مارميت اذ رميت.
(دفتر ششم، 2834 ۽ 35)
معنيٰ: احمد (صلي الله عليه وسلم) جي پاڪ روح جڏهن ڪمند اڇليو تہ محبت جي ان ڪمند سبب پاڻ آسمان (معراج) تي وڃي پھتا. حق تعاليٰ فرمايو، اي مون ڏانھن ڪمند اڇلڻ وارا، اهو مون کان سمجهہ. اُهو تو نہ اڇليو، بلڪ مون اڇليو (قرآن جي آيت).]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3696
رُوْءِ رَانٖيْ جِيَ نَاهِڪُوْ سُوْڊَا ٻِئَا سُڃَانَ﮶
نِسُوْرِيَائِيْ نِيْهَ جِيْ ڪَشِئَاءٍ ڪَمَانَ﮶
ڇَڎٖيْ وِئَا ڇُوْهَم﮼ دَعْوَاءٌ دِيْوَانَ﮶
ٻِيْ رَهِيَاءٍ ڪَانَ ٿِئُوْ مِرُوْئِيْ مَئِدَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
रूए राणे जीअ नाहि को। सोढा बि॒आ सुजा॒ण।
निसोरियाई नींहं जे। कशिआईं कमान।
छडे॒ विआ छोह में। दावाऊं दीवान।
बी॒ रहियाई कान। थिओ मिड़ोई मेंधरो।
ROMAN SINDHI
Ro'e raanne jee'a nah'e ko, ko soDhha Biya suJhhan'a,
Nisoriyaee neenhn jee, kashiyaeen kamaan,
ChaDe wiya chhoh'a me, daawaaoon deewan'a,
Bee rahiyaee ka na, thiyo mirryoee mendharo.
TRANSLATIONS
Other Sodhas (i.e. apostles) too have the Divine glimmer, but none of them has the countenance, (brightness or influence) of Rano. He strained fully the bow of love and shot arrows (of grace). (This means that he is full of mercy and he extends it to all and sundry. Besides he accomplished his mission in a highly successful and graceful manner). The other respectable gentlemen (i.e. apostles) admitted his supermacy forthwith. Hence there was none else to redeem the goods or obtain salvation for mankind, and every one talked of Mendhro as the only intercessor.
These apostles have We exalted, some of them above others.
(253, AI-Baqarah).
TRADITIONS:
a) The Prophet's patience and grace were some of his finest qualities.
b) The followers of apostles will approach each of them in turn on the Day of Judgement and request them for intercession to Allah for their salvation. They would, however, plead inability to do so. Ultimately at the instance of the apostles they would request the Prophet of Islam to do it; and he would oblige them after obtaining permission of Allah.
c) Hazrat Adam and all other apostles will gather under the standard of the Prophet of Islam on the Day of Judgement.
Rano's countenance is matchless Though there are other,
Wise Sodas also He strained bow of love,
Many celebrities gave up their claim,
There is nothing else, all is Mendharo.
سندر سوہنے کئی سجانے رانے دا نا ثانی
مرشد رانا تکے، سالک، مارے نہوندی کانی
لائی چاٹ عشق دی لُکیا دے کے گیا گھجانی
مومل دا ہن جگ دے اندر اپنا رہیا نا کوئی
کون ہے میرا آسرا پیارے
تو نہ ہو اس قدر خفا پیارے
میں کہ ہوں ایک خاطیِ معصوم
بخش دے میری ہر خطا پیارے
چاہتی ہوں تلافی مافات
ہے یہی ایک التجا پیارے
بھول جا میری ہر برائی کو
جان کر مجھ کو بے نوا پیارے
ایک ادنیٰ کنیز ہوں تیری
ساتھ میرا نہ چھوڑنا پیارے
کیا کیا سوڈھے جگ میں دیکھے، کوئی نہ رانا جیسا،
ڈال کمان میں رانا نے یوں، پریت کا تیر جو مارا،
بڑے بڑے ودوان وہ پنڈت، بھول گئے سب دعویٰ،
وہ ہی ہے اب ہر جا، بِن اس کے اب اور نہ کوئی۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)