Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون…
- (بيت) اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي…
- (بيت) جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون…
- (بيت) جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا…
- (بيت) رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون…
- (بيت) طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ…
- (بيت) لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ…
- (بيت) مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ…
- (بيت) ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي،…
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
رسالن ۾ موجودگي: 78 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي مومل! جيتوڻيڪ تنھنجي نصيب ۾ راڻو مينڌرو ناهي، پر تڏهن بہ تون متان پوئتي پير ڪرين. توکي اڳي پوءِ وري بہ محبت منجهان ئي هن جو ڏس پتو ملندو (هن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندينءَ) راڻي لاءِ اجايو ويھي نہ روءُ، البتہ طعني (غلطيءَ) کي قبول ڪري ويھ (ان جو پڇتاءُ ڪر ۽ پشيمان ٿيءُ).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3844
جَا جَا نَاہِ نَصِيْبَم﮼ مُنْمَلَ مَئِدَرُوْ﮶
پُندُوْءِ جِمَ پَاہٍ وَر﮼ مَنجَّا پِرْتِ پَرُوْرِ﮶
رَانٍ لَىءِ مَرُوْ وِہُ طَعْن﮼ س﮼ وَاکِجِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां जां नाहि नसीब में। मूमल मेंधरो।
पूंदोए जिम पांहीं वरें। मन्झां पिर्ति परो।
राणे लए म रो। वेहु ताने सें वागि॒जी।
ROMAN SINDHI
Jan jan nah'e naSeeb'a me, moomal'a mendharo,
Powando'e jim'a paanheen wariyan, manJhan pirt paro,
Ranny la'e ma ro, weh'u taany seen waaggjee.
TRANSLATIONS
O Mumal! Even if you are not destined to be united to Rano again, you must see that you do not retrace your steps from following him. (You should not be dejected.) Your love for him shall serve you as a guide. It is no use formally shedding tears for Rano. Cling to him and treat the symbol of his reproach as a corrective.
گرچہ تفسیرِ زبان روشنگر ست
لیک عشق بی زبان روشنترست
(Roomi)
Even though by tongue you express well, yet the mute love will do it still better.
O Moomal, even if you are not destined to unite with Rano,
Retrace not your steps; your love will lead you to him,
Weep not, though reproached, cling to him.
مومل اڑیئے رانا ناہیں اجے نصیبیں تیرے
نِسچے نال اڈیکیں اوس نوں صدق تیرا دن پھیرے
نا رو مومل کی پچھتاوا کھاہدی جو اُکتاری
نہیں قسمت میں تیری وصلِ جاناں
مگر ہونا نہ اے مومل ہراساں
نہ آئے گا ادھر اب تیرا ’سوڈھو‘
بھلا دے چند روزہ عہد و پیماں
اب آنسو پونچھ لے خاموش ہو جا
چھپالے داغ ہاے یاس و حرماں
دیا تھا تجھ کو رانا نے جو طعنہ
سمجھ لے اس کو دردِ دل کا درماں
ملے ہیں کاک سے جو زخم تجھ کو
بنالے ان سے اک تازہ گلستاں
بسوز دل بشوق سعئی پیہم
کوئی مشکل نہیں جو ہو نہ آساں
چاہے نہیں ہے باگ میں، مومل! پیا ملن،
لوٹ نہ، پائیگی اس راہ پہ، نشانِ پار سجن،
طعنے کو جان تو بندھن، ملے اشک نہ بہا تو رانا کارن۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)