اَڱڙا بابت
معنيٰ
عضوا، جسم، بُت، بوتا، لڱ، اڱ، انگ، شرير.
Body parts, bodies, organs
بيتن ۽ وائين ۾
- لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ، پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَڳي لَڳي واءُ، لَٽي وِئو اَڱڙا، پيئِي کَڻِي پَساھُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]