اَڱڙا جي سنڌي معنيٰ
عضوا، جسم، بُت، بوتا، لڱ، اڱ، انگ، شرير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Body parts, bodies, organs
اَڱڙا جا بيتن ۾ حوالا
لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]

لَڳي لَڳي واءُ، لَٽي وِئو اَڱڙا،
پيئِي کَڻِي پَساھُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 24 ]

جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ،
وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو،
ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي تُون ساجَنَ سَنئُون نِھارِيين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 3 ]

لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]

سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ،
ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي سيڻانِ،
وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِنيُون، ڪِرِڪِئو لَيءِ ڪيڻانِ،
موٽِئو ماڳَ نِھارِيين، ڪِھَڙي مُنھِن ڪيڻانِ،
ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا، مُون ڀانيو سيڻانِ،
مَچُ پَسِي ڪِيئَن موٽِيئَن، سَڙِيئَن نَہ سيڻانِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 3 ]