Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي…
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ…
- (بيت) خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ…
- (بيت) سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي…
- (بيت) سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ…
- (بيت) ٺَڪَ مَ رَھِجِ ٺَنڀِجِي، ٺَرِيءَ…
- (بيت) ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه…
- (بيت) کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ…
- (بيت) کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ…
- (بيت) کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ…
- (بيت) کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ…
- (بيت) کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ…
- سُر آسا جَي کَرُ ۽ حوصلو حيرت جو بيت
نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ،
اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
هن (ذات) جي نہ ڊيگهہ آهي ۽ نہ ويڪر (هيڏو ۽ هيترو ناهي) ۽ نڪي سندس ظاهري سڃاڻپ (صورت) جا اهڃاڻ آهن. اهو حق حقيقت (بيچوني ۽ بي رنگيءَ جو) اهڙو (پر اسرار) کيل آهي جنھن کي انڌو (بي سمجهہ ۽ بي شعور) ڪونہ سمجهي سگهندو (ليڪن عارف ڪامل ان جو شعور رکن ٿا).
[مثنوي روميءَ ۾ هيءُ بحث گهڻو آيل آهي، هي بيت ڏسو.
اين دراز و کوتهي مرجسم را ست،
چه دراز و کوتهي آنجا که خدا ست
(دفتر چهارم، ب- 534)
معنيٰ: اها ڊيگهہ ۽ ويڪر مادي شين يعني جسم يا جسمن جي خاصيت آهي، پر جتي خدا جي ذات آهي، اُتي ڇا جي ڊيگهه ڇا جي ويڪر!
رومي ٻئي هنڌ انهن کي انڌو ئي چوي ٿو:
کور نشناسد از بي چشمي است،
بلکه اين زان ست کز جهلست مست.
(دفتر دوم، ب- 2366)
معنيٰ: انڌو ان ڪري نٿو سڃاڻي تہ کيس اکيون ناهن. بلڪہ اهو سڀ ڪجهہ ان ڪري آهي تہ هو پنھنجي اڻڄاڻائيءَ ۾ مست آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3429
نَڪُوْ مُهْ نَمُهَارِ ڪَا نَڪُوْ ڊٖيْکُہ نَوٖيْلُ﮶
اِيُ اِهُوْ ئِيْ کٖيْلُ ڪُوْرُ پَرُوْرٖيْ ڪٖيْنَڪٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नको मुंहुं न मुहाड़ि का। नको डेघु न वैलु।
ईउ इहोई खेलु। कोरु परूड़े कीन की॥
ROMAN SINDHI
Nako munhun na muhaarr'a ka, na ko DHegh'u na wel'u,
Aee'u ihoee khel'u, koor'u paroorre keen'a kee.
TRANSLATIONS
Transcending all physical limitations like the length and breadth, and the human form with the face and frame, the Beloved is a paradox; and it is definitely impossible for the blind or uninitiated persons to comprehend this phenomenon.
آنکہ او بی نقش و سادہ سینہ شد،
نقشہائی غیب را آئینہ شد۔
(Roomi)
He who has an impressionless and clear mind, becomes mirror to receive the Divine impressions.
بر آن ہستی کہ اندیشید گم گردید ادراکش
کہ آن از طول و وُسعت برتر و بالا ہمی باشد
ئجب ہستی چنین ہستی کہ رُویش نیست و نی سُویش
کہ از کیف و کمیّت برتر و بالا ہمی باشد
نہ تو طول نہ عرض نہ صورت، نقش نہ اس کا چہرا،
کیسے اس کو بوجھ سکے گا، عقل کا کوئی اندھا۔