Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي…
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ…
- (بيت) خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ…
- (بيت) سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي…
- (بيت) سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ…
- (بيت) نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا،…
- (بيت) ٺَڪَ مَ رَھِجِ ٺَنڀِجِي، ٺَرِيءَ…
- (بيت) کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ…
- (بيت) کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ…
- (بيت) کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ…
- (بيت) کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ…
- (بيت) کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ…
- سُر آسا جَي کَرُ ۽ حوصلو حيرت جو بيت
ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه کي حَقُ چَئِين،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن توکي اندر جي اک (صحيح فھم ۽ ادراڪ واري نظر) سان ڏسڻ نصيب ٿئي تہ جيڪر سڀ کي ساڳي هڪڙي حقيقت ڪري ڄاڻين. (توکي هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي يا سراسر حق نظر اچي). اي شرڪ ۾ ڦاٿل (اکين جا) انڌا، انهيءَ حقيقت ۾ ڪڏهن بہ شڪ ۽ گمان نہ ڪجانءِ (تہ حقيقت هڪڙي آهي).
[صوفين جي نظر ۾ صرف خدا ئي حق آهي، جيڪو ڪڏهن بہ باطل نٿو ٿئي، يعني ڪڏهن بہ مٽجڻ يا ختم ٿيڻ وارو ناهي، هميشه کان آهي ۽ هميشه رهندو،جڏهن ٻيو ڪجهہ نہ هو، تڏهن بہ حق هو ۽ جڏهن ڪجهہ نہ رهندو، تڏهن بہ حق هوندو. رومي چوي ٿو:
استخوان و باد روپوش است و بس،
در دو عالم غير يزد ان نيست کس.
(دفتر ششم، ب- 1023)
معنيٰ: هي هڏا ۽ تو ۾ ڀريل هوا محض پردو آهن. دراصل ٻنهي جھانن ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪير آهي ئي ڪونہ!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3427
ڎِسَنُ ڎِس﮼ جٖيْ تَهَمَهْ کٖيْ حَقُ چَى﮼ء﮶
شَارِڪَ شَڪُ مَ نٖيْ اَنڌَّا اِنَهٍ کَالِم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डि॒सणु डि॒सें जे। त हमह खे हक़ु चएं।
शारिक शकु म ने। अंधा इनहींअ गा॒ल्हि में॥
ROMAN SINDHI
Disann'u Diseen je, ta ham'a khe HaQ chaeen,
Shaarik'a shak'u ma nee, andha inheen'a ggaalh me.
TRANSLATIONS
If you could only see things in their correct perspective, (with the spiritual eyes and divest yourself of the obstructive prejudicial views,) you would directly acclaim that every thing in the universe is the Absolute Reality, (and that nothing else exists beside Him). O blind disbeliever! Abandon your doubts in this connection.
عجب نبود گر از قرآن نصیبت نیست جز نقشی،
کہ از خورشید جز گرمی نیابد چشم نابینا
(Sinai)
No wonder that the only use that he makes of the Quran is to make amulets on the analogy that a blind fellow merely gets warmth from the Sun.
If with inner eyes you behold,
Double not blind acapnic the secret of its beauty.
لو تريد أن ترى الحق تقول لكل شيء حقا.
لأن اﷲ عز وجل خلق كل شيء.
يعني هو سبب خلق الكائنات.
عندما نقول: هو موجود فى كل شيء معناه هو خالق كل شيء- يا مشرك! يا أعمى! لا تشك فى أي شيء.
اگر بینی بہ جان و دل، حقیقت را بدانی خود
دروغ آید نہ در دیدہ ہمہ را حق بگوئی تو
مکن شک و شبہ چون حسّ گردانی حقیقت را
ترا لازم کہ باطل را ز لوحِ دل بشوئی تو
دل کی آنکھیں جو کھول کر دیکھے
روبرو اس کو جلوہ گر دیکھے
پھر نہ کہلائے تو کبھی مشرک
ہر طرف حسنِ معتبر دیکھے
دیکھے دل کی آنکھ سے تو، کہے کہ سارا حق ہے،
اندھے اب اس بارے میں، پھر کیا شرک و شک ہے۔