ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي…
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ…
- (بيت) خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ…
- (بيت) سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي…
- (بيت) سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ…
- (بيت) نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا،…
- (بيت) ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه…
- (بيت) کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ…
- (بيت) کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ…
- (بيت) کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ…
- (بيت) کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ…
- (بيت) کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ…
- سُر آسا جَي کَرُ ۽ حوصلو حيرت جو بيت
ٺَڪَ مَ رَھِجِ ٺَنڀِجِي، ٺَرِيءَ پاسِ ٺَرِي،
ٻيلِيَنِ ساڻُ ٻَرِي، مُنھُن پِٽي مَريجِ تُون.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون (ٿڪ ڀڃڻ خاطر) ٿوريءَ دير لاءِ بہ اتي نہ ويھ جتي ڀتين جي پاڇي ورڻ ڪري ڇانو ٿئي ۽ اها جاءِ ٿڌي ۽ آرام ده ٿي پوي. تون اٿي هل ۽ ساٿين (طالبن) سان گڏ گرميءَ ۾ سڙي پچي غم ۽ ڏک ۾ پنھنجا پساھ پورا ڪر.
[مثنوي روميءَ جي هن شعر سان هن بيت جي معنيٰ وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.
گرچه ديوار افگند سايه دراز،
باز گردد سوئي او آن سايه باز.
(دفتر اول، ب- 214)
معنيٰ: جيتوڻيڪ ديوار جي ڪري (پھرئين پھر ۾) ان جو پاڇو گهڻي ڇانو ڪري ٿو پر پوئين پهر ۾ اهو پاڇو جلدي ننڍو يا کٽڻ بہ لڳي ٿو، مطلب تہ ان تي ڀروسو نہ ڪر.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3472
ٽَکَہ مَرَهِجِ ڀِٽَجِيْ ٽَرِيْ پَاسِ ٽَرِيْ﮶
ٻٖيْلِيَنِ سَانُ ٻَرِيْ مُهْ پِٽٖيْ مَرٖيْجِ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ठक म रहिजि ठंभिजी। ठरीअ पासि ठरी।
बेलियनि साणु ब॒री। मुंहुं पिटे मरेजि तूं॥
ROMAN SINDHI
Thhakk'a ma rahij thhanbhijee, thharee'a paas thharee,
Beliyan saann'u Baree, munhun pitte marej toon.