Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُکولِيندي اُٿِئا، ويٺي وَٽِيائُون، اُنِهين…
- (بيت) تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ…
- (بيت) سامِي چائيين سُکُ طَلَبِين، تَسِئا…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو…
- (بيت) ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ…
- (بيت) چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ…
- (بيت) ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) ڪِي جي سَڳا سُورَ جا،…
- سُر پورب جَي سامي سنياسي جو بيت
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون ٿا چُوَنِ،
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ،
جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
هو ڪاپڙي چيلهہ کي سندرن سان سوگهو ٻڌي اڳتي پنڌ جون پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ڪن. هنن جي سڱين جي آواز جي پورب تائين هاڪ آهي (سڀني ماڻهن کي سندن واڄن بابت خبر آهي). اهي جوڳي (تارڪ دنيا فقير) هتي رهڻ وارا هرگز ناهن ۽ نڪي هتي ڪجهہ ڏينھن وڌيڪ ترسندا يا ٽڪي پوندا. (هو هڪ هنڌ ويھي رهڻ وارا ناهن، هو سدائين هل هلان ۾ آهن)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2826
کَمَرِبَسْتَا ڪَاپَرِيْ چَلَنِ جِيٌ ٿَا چُوْنِ﮶
سِنکِيٌ سَنَاسِيَـنِجِيٌ وَنڃِّئُوْ پُوْرَڀِ پُوْنِ﮶
جُوْکِيْ هِةِ نَهُوْنِ ڪِيْنَ ٽِڪَندّا ڪَاپَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कमरि बस्ता कापड़ी। चलण जूं था चूनि।
सिङियूं सनासियनि जूं। वञिओ पूरभि पूनि।
जोगी॒ हिति न हूनि। कीन टिकंदा कापड़ी।
ROMAN SINDHI
Kamar basta kaaprri, challann'a joon tha choon,
Singyoon sanaaseen joon, wanjiyo poorabh poon,
Joggee hit na hoon, keen'a ttikanda kaaprri.