پُورَڀِ بابت
معنيٰ
اوڀرِ، اڀرندي، مَشرِقِ. اُڀرندي واري ملڪ. اوڀر جي واءُ،
East, eastern, relate to east. of east.
بيتن ۽ وائين ۾
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پَنجِوِيهيِنءَ تي پُورَڀِي، آڻِيندو اللهُ، وَنگي وِرھَنِ ويڙِھئو، ساڻُ سَناسِيَنِ ساھُ، آيو آبُ اکِيَنِ مان، اُڪَنڊئو ارواحُ، سِڪَ تَنھِن سامِيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ، مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ، سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ مُصيبَتَ، سامِي سُورُ صِحَتَ، جٖي پُورَڀِئا پَرُوڙِيين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون ٿا چُوَنِ، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ، جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]