مارُو بابت
معنيٰ
مال چاريندڙ، مالدار. جهنگ جو رهاڪو، مسڪين، غريب، نادارُ.
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir. Poor people.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو، اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ، ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ، ميرا ئِي مارِينِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڪُسِ جيلاھِين، مارُو ناھِ مَلِيرَ ۾، مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي، مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي، ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ، ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو، وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري، تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ، جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ، جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو، پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو، اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ، ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ، والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري، تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون، مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ، عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو تي پَنَ چَران.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ، سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ، اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھِيَرَ مارُوئَڙَنِ جا، پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ، جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ، واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ، مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ، ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ، مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سَنِهِيءَ سُوئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين ساھُ، ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ، ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ، ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ، ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين، ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ، وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين، سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ، تَنِي ري حَمِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَڃا ڪَتِي ڪالَهہ، مُلا آندِيَمِ مارُوئين، سا ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، مَٿان لِڱَنِ لالَ، مارُنِ مِلِي شالَ، ڏَھِيُون توءِ ڏيکارِيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ، سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ، پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ، جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، رُوءِ اُڀِي چوءِ، سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ، مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀيائِي آھي، جا مَٿي ڏِنِيَسِ مارُوئين، سا لوئِي نَہ لاھي، سُومَرا ساھي، تَنھِن سَتِيءَ وِجُهہ مَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- تَہ ڌُئارِئان ڌَٻَرا، ويندِيَسِ ڪَنھِن وِھانءِ، مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ، گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ، ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ، مُون کي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، مارُو مَسَ مَڃِينِ، ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا ڪي ڏِينِ، جَي مانۡ لوھَ لاھِين، تَہ ڪوٺِيُنِ ۾…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، عُمَرَ ٿِيَسِ اَسِيرَ، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، مُون سين ھِتِ ھِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- مارُوئَڙيءَ روئِي، ٿَرِ نِياپا چايا، آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون، چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون، ھِتي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ، مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ، ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ، مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھِڪُ جَي نَہ ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندي جَي مَران، گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو پِئا نَہ مامِري، جَنھِن سامائي، ٿيلايا ٿَرَنِ ڌَڻِي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري، ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي، جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھِنَ سُڻاڻِيءَ کان سُومَرا، ناحَقُ ٿِي جِيئان، موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان، جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- حَقاڻو ھُتِ ٿِئو، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي، مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ڏي، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي، ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- حَقاڻُو ھُتِ ٿِئو، ھِيءَ ھِتِ بَندِياڻِي، ساري ساڏويُنِ کي، ڪوٺِيَنِ ڪُوماڻِي، لِڱين لوھَ لَطِيفُ چئَي، ويٺِيَسِ وِساڻِي، مُنڌَ مارُوءَ جي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا، مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا، ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان، سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان، مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان، مُيائِي جِيئان، جَي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ، پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِينِ اَندَرِ ڪِيرَ، چاري چوگانَنِ ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ، ڇَنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَنان مارُوئَڙَنِ، ڇَنِ نَہ وييَسي وِسَرِي، قَيدِ ڪِئَڙِيُئِي ڪوٽَ ۾، ڏاڍا سين ڏاڍَنِ، پَلئو پَنوَھارَنِ، سوسُ مُنھِنجو سُومَرا.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَکا ۽ پالَ، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا، مُون سين ڪَري ڪالَ، مارُو نَہ موٽِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ٿُوھَرَ کُوھَرَ ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون، چارِينِ ٿِيُون چاھِ پِئو، ڦوڳَنِ پاسي ڦَرَ، ڪِيئَن لَھَندَمِ ڪَرَ، جِيئَن مارُو پاڻَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي، سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ، ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ، اَندَرِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون، پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون، وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- تيلُ نَہ لايان تُنھِنجو، مُون مارُو مَنِ، ڪَرِيان ٻِي نَہ ڪَنِ، آھَرَ اُنِھين آھِيان.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون، سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون، عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙِيُون سي، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي، پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ، سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو، ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو، ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- اَجورا اُٿِيَنِ جي، مَٿي جَهڻِ جهاپي، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي، اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ، جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ، مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ، اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ، سَندا ٻيڙِنِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين وَڳَ وارِينِ، ڇَڇين ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَھِرائِينِ، نيڻَ مُنھِنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ، تاڙا…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ، سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ، اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ، ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ مَنجِهہ سُڌِيرَ، ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ، مِھا مَنجِهہ مَلِيرَ، مِينھَن وَسَندا…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، جِيائِي جالِينِ، چارِئو لَنبَ لَطِيفُ چئَي، واگِهيين وِھارِينِ، ڪيٽائِين ڪاھِينِ، مِينھَن وَسندا موٽُ تُون.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، شالَ ھَميشه ھُئان، پيرين تَنھِن پُئان، نَيَ وِھاڻِيءَ نُورَ سين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران، پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران، ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ھَڏِ نَہ پَڙان ھيڪَڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايُنِ، مُون کي مارُوئَڙَنِ، ميرِي ڪَري نَہ مَٽِئو.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جٖي ڪِئا، عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، روڙِئو رَتا گُلَ، مارُو پاڻِ اَمُلَ، مَلِيرونِ مَرَڪَڻُو.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو، مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا، ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، سَدا مَنجِهہ سَرِيرَ، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، ويٺِي پُوڄِئان پِيرَ، مانَ مِلَنِمِ ڪِڏِهِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين، عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي، مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، رَهِئا اَندَرِ رُوحَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَ، ويرُون وِلوڙَنِ سَندِيُون، سارِئان گهَڻو صُبوحَ، وَرُ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- سِنجي سِنجي کُوهَ، ويڙهي وِئا وَرَتَ، مِيان مارُوئَڙَنِ جِي، هِينئَڙي مَنجِهہ حَيرَتَ، چُڻِڪَن اَندَرِ چِتَ، سانبِيَڙا ساڏَويُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- ڀُوڻَ ڀُڻڪو نَہ سُڻِيان، ٻُري نَہ ٻَڪَرَ دانھَن، مِيان مارُوئَڙَنِ جا، اوڻا ڏِٺَمِ آنھَن، جَنِ ساٺِيڪا ٿي سِنجِئا، سي ڌَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مُون ماڙِيءَ جو سُومَرا، ٻِنهِي پارين ڏُکُ، هِتِ عُمَرَ جو اهُکُ، هُتِ مارُو ڏِينِ ميھَڻا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران، هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا، قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين لِکِي، جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي، حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي، پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سَڀَ پَرکِئاسُون، سَھکِيءَ ڀانئي سَڀَُڪو، اَهِکيءَ تُونھِين تُون، مِيان مَٿان مُون، ٻُڙو لاهِہ مَ ٻاجَهہ جو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، آيا ڪِي ايندا، بَندِياڻِي بَندَ مان، نِماڻِي نِيندا، ڏُکِيءَ کي ڏِيندا، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ ڪَري، هِنيُون مُنھِنجو تَنِ کي، ڏِهاڙِي ڏِري، مَلِيرِ مُنھُن ڪَري، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ رَهِي، مُنھِنجا سيڻَ سَيِّدُ چئَي، ساڻيھَ مَنجِهہ صَحِي، وَنِيُنِ راتِ وَهِي، مُون تان بَندُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- هِڪِڙَنِ سان هِڪِيُون ڪَرِيين، ٻِيُون ساڻُ ٻِئَنِ، رَکِئو دَغا دِلِ ۾، ٽِلين ساڻُ ٽِئَنِ، اَڳَ نَہ ڏِٺِي اِهَڙِي، ڪا مَنَھِن…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سيئِي سارِيان سُومَرا، هُو جي مارُو هُئا مِٽَ، پَسان پَنوَهارَنِ جي سَندا چَونرَنِ چِٽَ، ڪَرِيان وَلَھارِيين وَٽَ، وَڃِي ويڙهِيچَنِ سان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ، جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ، مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- پَلُرُ پِيتُمِ جَنِ سين، سي مارُو مُون ميڙِ، پَھِري وِئا پَٽَنِ تي، وَنھَيان مَنجهان ويڙِه، تَنِ جهانگِيَنِ سان مَ جهيڙِ،…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- لوءِ وَڃِي ڪا چوءِ، مُنھِنجو مارُوئَڙَنِ کي، ڇانگان ڇِڄي ڇيلَڙو، جَي ڪَنھِن جو هوءِ، صَحِي وَڙولِينِ سوءِ، آئُون ڪِيئَن وييسِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ، سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ، ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ، سَندو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جيھا جٖي تيھا، مُون مارُو مَڃِئا، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِينِ موڪَ مِھا، مُنھِنجِي آهَ اِها، ڪيرائِيندِي ڪوٽَ کي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ، ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ، نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ، مارُو…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري، مَلِيرُ سارِئو مارُئِي، رويو رُئاڙي، اَلا اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي مڙِيين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پالَ پَکا ۽ پَڪَ، جِتِ کَرَڙَ کَٿا ۽ کاهِيُون، سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، جٖي حاضُرُ پاسي حَقَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، شَلَ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ، مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي، مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي، پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ميرِي جي ڏُٻِرِي، مَرُ مَٿي هوءِ، مَتان مارُو چوءِ، تَه واچا وييَئِي وِسِرِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ، ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ، ڳِنِهي وَڃان لوءِ، لارُون جٖي لُڙڪَنِ جُون.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ، اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ، جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- آيو ڪيرُ ڏيھان، جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- اُٺَنِ مِينھَن گَهڻا، ٿِئَنِ موڪَ مَلِيرَ ۾، اَکِيُون آبَ ڀَرِئو، اُنِهين کُوڻِ کَڻان، مارُوئَنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏهين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي، وِڄَڙِيُنِ واري، سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري، اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِيُون کِنوَنِ، پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄُڙِيُنِ، مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِي کِنواءِ، سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ، سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جَي ڪَرَ لَڌائُون، تَہ بَندِيءَ بَندُ نَہ سارِئو، مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُسِ وِئَڙِيَسِ وِسَرِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گهُران، ساڏوهِيُون ۽ سَرَتِيُون، هِنيين مَنجِهہ هُرَنِ، ھِڪُ لِڱَين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گُهران جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- پِھرِينءَ راتِ پَسِي، مُنھِنجو ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو، مُوهَڙِ مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ ڏيجِ وَسِي، اَهَرَ جَنھِن اَسِين، سو مِلَندو شالَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٽِيجِهيءَ ٽِمَنِ نيڻَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، وِرِھَ مارِي ويڻَ، سانبِي سارِئو سيڻَ، نِنڌَڪُ ساھُ نَہ نِڪِري.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، چوٿِينءَ چِڪَنِ چاڪَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ، ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي، ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ، الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي، تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي، ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي، قَيدالماءِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ، هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ، زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ٿَرَنِ ٿيلِهِيِ نَہ مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِهِينِ، پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ، اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- چِيلا ۽ چارا، مارُنِ جا مَلِيرَ ۾، اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا، ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- مارُو رَهَنِ مِٺي، ڪَوڙي رَهَنِ نَہ ڪَڏِهِين، عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٿِئَڙَمِ ڏِينھَن ڏِٺي، اُنِين ساڻُ اُٺي، گَڏُ گُذارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ، مارُوءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ، مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ، سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ، سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي، ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا، لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، ڇَڏي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي، سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي، وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي، ڀِرِي ڀاڳِ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي، ويڙهِيچا وِئا، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، مُون سين ڪَري مَٽِ، مارُوئَڙا مَلِيرَ جِي، ڇَڏي وِئَڙا وَٽِ، ڪينِهي ڪي مُون وَٽِ، ڪَنھِن سان…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پائُران پيھِي آيا، مَلِيران مارُو، وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پائُران پيھِي آيا، مارُو مَلِيرانِ، ڇُٽا سُون سُوران، هائُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ، ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ، سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي، ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ، ڇيلا هُئا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تاڻَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪارِي لَڳَمِ…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ، ڪي ڏِينھن هِتي جيڏِيين، ڪِئا گهيٽَنِ سان گُذرانَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، اَباڻَنِ اُتَرَ جَهلَ، ڪي ڏِينھَن هِتي جيڏِيين، هُئِي ڇيلَنِ ساڻُ ڇَلَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، اَچي…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيون، هَي پَکا هَي پَٽَ، ڪي ڏِينھَنِ هِتِ جيڏِيين، ٿي موڪَ وِلوڙَئا مَٽَ، سي هَنڌَ پَسي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي هَنڌَ، هَي ڀيڻِيُون، هَي پَنوَهارَنِ پُورَ، چارِيا ٿي چُوڙيرِيين، وَرَنِ ۾ وَهَلُورَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، سامُھان ٿِئَڙَمِ سُورَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ، اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ ، اِيءُ پَنوَهارَنِ پَنڌُ، بارِي لاهِيين بَندُ، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ، أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ، وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ، اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ، مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ، وَطَنِ آئُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون، لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون. مَنَ مَنجهان را…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي. اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي، کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا، تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان، ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،…[ سُر مارئي - وايون ]
- عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي، مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي، سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو مُنھِنجو، مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ، ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي ساڻُ، سُومَرا آئُون ٿَر وَڃان، مُون کي مُون پِرِيَنِ جُون، مَرُ ٿِيُون ليڙُون لُڏَنِ، ٻَڌا…[ سُر مارئي - وايون ]