ھَٿَ بابت
معنيٰ
چنبا، دست، يُد، بدن جا خاص عضوا جن کي آڱريون ٿين جن سان ڪم ڪيو وڃي
Hands, cubits

بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن، وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ، مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون، ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾، سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن، ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان، ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان،…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي، سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ، ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمهو، رِڪابين پيرانِ، واڳُنِ مَٿي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وَڻِجارا وِھاءِ وَکَرُ وينَتنِ جو، ھَٽَ پُورِباءِ، ھَيا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري ھَٿَڙا، کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا، سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري، توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري، آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ، ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ، سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان، لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ، گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَهنِ، پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ، جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو، ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن، سَندِي ڪَپَرَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ، نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون، پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون، مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون، ساري…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا، ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ، ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- آيا اُجارِينِ، تَنگَ تَرارِيين تِئُرا، ساڻِڪِيُون سائُنِ ھَٿَ ۾، ڪُلَهِنِئُون نَہ لاھِينِ، اُڀائِي آھِينِ، مَهائِي مَڙَڻ تي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪُھين تَہ آپُ ڪُھُ، ڏَسِ مَ چُوھَڙِيان، سَندا آھيڙِيان، آئُون نَہ سَھَندِي ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا، تَنھِن پَرِ نَہ کاڻِي، جَنھِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا، صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ، مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين، تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين، سٻاجها سائِين،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ ويچارِي وَسِ، ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچارِي، ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي، اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ، قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ، اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون، وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون، ڪِئَمِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾، اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو، اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ، ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ، وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ وانءُ مالارِي، ڏائي جا ڏيرَنِ جي، مَڻِجِ سا ٽارِي، مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي آرِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا، سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ، رائو روئِي روھُ، مُنڌَ ڳوڙَھَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ، سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ، اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- اِيئين رَھِيَسِ راھَ ۾، ھُونھين ھَٿَ ھَڻِي، وِئا خِيالَ کَڻِي، ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان، مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو، سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي، ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ، چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ، مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تان وانءُ لَڳي پيرِ، اوڏا جان لامُنِ ۾، جُھ پيٺا ۾ ويڙِھِ، گَهڻا ھَڻَندِينءَ ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪوھُ ٿِئو، ڪيڏانھَن ٿِي وَڃان، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، موڙِئو سَڀَ ڀَڃان، ٻِيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مُون ھارِيءَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن ئِي ٿِي ھَٿَ کَڻِين؟ سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ، ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھَٿَ کَڻان تان ڏُورِ سَڏَ نَہ اوڏا سُپِرِين، ڪيچِيَنِ ڪَرَھَہ پَلاڻِئا، اوٺِيَنِ اُٺَ اَسُورِ، مُيَسِ نَہ آئُون مَعذُورِ، ھَلَڻُ سُڻِي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون وِساري ويٺِي، مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي، سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو، ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- تانُ نَہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ، ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ، سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين، آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي، حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي، تَنِي…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو، ھُنَ کي حاڪِماڻِي ھَٿَ ۾، ھِنَ صُورَتَ جو سِينگارُ، اِيءُ عِشقَ جو آچارُ، جِيئَن دانا…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو، ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ، ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي، سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَيئِي، رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي. ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان، ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين، ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان، حُڪُمُ…[ سُر راڻو - وايون ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ، پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ھَلو تَہ سيڪِيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ، مُلا سَناسِيَنِ، نِينھَن جَڙَ لَڳِي جانِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا، مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ، ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين، پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا، ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ، وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ، پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ، مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ، مُون ڳِچِيءَ ۾…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھائِي وِجهان ھارَ کي، مَنجهان کارَ کَڻِي، ڦِٽائي ڦِٽو ڪَرِيان، ھَٿَنِ سين ھَڻِي، تو سين ڄامَ تَڻِي، اگَلِيُون سَڀَ اوڇون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين، ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ، جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- مُون جِيئَن مُٺِي وَلَهي، ڪَڏِھِين ڪانَہ ھُئِي، سا آئُون ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِي، ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سُتي نَہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي، وِھامِي ويندِياءِ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا، گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا، پورِھِيي ڪارَڻِ پيٽَ جي، اُٿِيَنِ سَوارا، اوڏَ پِہ ويچارا، لاکا وَڃَنِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا جي دَرَ تي، سَندو ڪوجَهنِ ڪاڄُ، آھي حاتِمَ ھَٿَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ، ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ، تَہ صَرافاڻي سَڏِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، مَٿي مُونَنِ ھَٿَڙا، اَکِيُون ڏانھَن پِرِيَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ نَہ ڪانڌُ اُنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ، ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِيئَري زِيارَتَ، جي مُون پِرِيَنِ سين، سَڌَرَ مُنھِنجا سُپِرِين، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، مَولا مُون کي ميڙِين، سُپريان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو، ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ، جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ، جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ، اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]
- سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين، ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا…[ سُر آسا - وايون ]
- جَنبوُ نَہ جُهونجارَ، سِينھَن وڏيئِي سَتَ سين، ڪيھَرِ ڪِلي وارَ، ھَر دَمُ ھَڻي ھَٿَ سين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ، آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ، مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڇَنِ نَہ ڇَڄي آھِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ، اِيندي پِئَڙَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ، ھَٿَڙِيُون ھَٿَنِ، ڄَنگهُون ٻانھون ڪاٺَ ۾.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين، سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ، ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائَڻَ آيُون، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرَنِ وِچَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- مي ھَٿَ ۾، مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ، ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ، جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مَڇيءَ ۾ ھَٿَڙا، راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ، تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]