Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ…
- (بيت) جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا،…
- (بيت) جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو…
- (بيت) جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو…
- (بيت) جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي…
- (بيت) سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ…
- (بيت) مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي…
- (بيت) نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ…
- (بيت) ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي،…
- (بيت) وَرُ سا ڪارِي راتِ، جَنھِن…
- (بيت) ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي…
- (بيت) ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ…
- (بيت) ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،…
- (بيت) ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ…
- (بيت) ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون،…
- (بيت) ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر کاھوڙي جَي سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار جو بيت
تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 85 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون حقيقت جو بار (هن ظاهري) مٿي کان سواءِ کڻي هل ۽ انهن (ظاهري) ٻانھن کان سواءِ پھلوانيءَ جي مشق جو مظاهرو ڪر. جسم جي سَنڌن جي سھاري بنا ۽ (ظاهري) ڄنگهن کان سواءِ هلي ڏيکار. ائين جيڪو ڪم هٿن کان سواءِ نہ ٿي سگهي، اهو ٽُنڊو مُنڊو ٿي ڪري ڏيکار. حقيقت (سلوڪ جو مقام) جو سڏ ٻوڙو ٿي ٻڌڻ سک ۽ محبوب جو مشاهدو هن (ظاهري) اکين کان سواءِ ڪرڻ وارو طريقو اختيار ڪر.
[مثنوي روميءَ ۾ ان فڪر جي گهڻي اپٽار ملي ٿي تہ حق ۽ حقيقت تائين رسائي لاءِ انسان جون هي ظاهري قوتون ۽ حواس ڪارآمد ناهن بلڪہ اهي حواس جن سان حق جو مشاهدو ٿئي، اهي هنن حواسن کي فنا ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿين ٿا.
پنبہ اندر گوش حس دون کنيد،
بند حس از چشم خود بيرون کنيد،
بي حس و بي گوش بي فکرت شويد،
تا خطاب ’ارجعي‘ بشنويد.
(دفتر اول، ب- 1566 ۽ 568)
معنيٰ: هنن ظاهري ڪنن جي اندر ڪپھ وجهي ڇڏ ۽ پنھنجي اکين تان حواسن جو پردو هٽائي ڇڏ. هر قسم جي حواسن يعني ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سوچ کان الڳ ٿيءُ، تڏهن ئي تون مون ڏانھن موٽي اچڻ وارو سڏ ٻڌندين. هڪ ٻئي هنڌ وڌيڪ کولي چوي ٿو تہ جيڪڏهن هنن ظاهري حواسن سان حق تعاليٰ کي ڏسڻ ممڪن هجي ها تہ ڍڳا ۽ گڏھ بہ هن کي ڏسن ها.
گر بديدي حس حيوان شاه را،
پس بديدي گاؤ خر الله را.
(دفتر دوم، ب-51)
هڪ ٻئي بيت ۾ وري هينئن چوي ٿو:
کورم از غير خدا بينا بدو،
مقتضائي عشق اين باشو بگو.
(دفتر سوم، ب- 2363)
معنيٰ: مان غير کان انڌو ۽ خدا (جي نور) سان ڏسندڙ آهيان. ٻڌي ڇڏ، عشق جي اها ئي تقاضا آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کاھوڙي، بيت نمبر : 2389
تَحْقِيْقَ جِيْ ڀَرِيْ مَٿٖيْ رِءَ کَنٖيْـجِ﮶
ٻَاہٌ ٻٖيْـئِيْ لَاهٖيْ ڎٖيْئِيْ ڪُشْتِيْ ڪَمَائِيْـجِہ﮶
سَنڌِّنِئوُ سَارٖيْ ٽَکَّنِئُوْ ٽَارٖيْ ڃَکُنِ رِءَ ڃُلٖيْـجِ﮶
جَا هَاجَ هَٿَنِ رِءَ نَٿِي﮼ سَا ٽُنْٽُوْ ٿِيْ ڪَرٖيْجِ﮶
هَڪَلَ حَقِيْقَةَ جِيْ ٻُوْرُوْ ٿِيْ ٻُڌٖيْجِہ﮶
اَنڌُّوْ ٿِيْ پَسٖيْجِ مُشَاهِدُوْ مَحْبُوْبَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तह्क़ीक़ जी भरी। मथे रिअ खणेजि।
बा॒हूं बे॒ई लाहे डे॒ई। कुश्ती कमाएजि।
संधिनिऊं सारे टंगुनिअऊं टारे। जं॒घुनि रिअ जु॒लेजि।
जा हाज हथनि रिअ न थिए। सा ठूंठो थी करेजि।
हकल हक़ीक़त जी। बो॒ड़ो थी बु॒धेजि।
अंधो थी पसेजि। मुशाहिदो मह्बूब जो।
ROMAN SINDHI
TeHQeeQ'a je bharee, mathe ree'a khannej,
Banhoon Beyi laahe Deyi, kushtee kamaej,
Sandhaoon saare ttangunoon ttaare, Jhhanghun ree'a Jhhulej,
Ja haaj'a hathan ree'a na thiye, sa thhoonthho thee karej,
Hakal'a HaQeeQat'a jee, Borro thi Budhej,
Andho thee passej, mushahido maHboob'a jo.
TRANSLATIONS
Bear the load of Reality without head (i.e.without artifice, argument, or protest). When the Divine knowledge is being imparted to you, imbibe it so dispassionately as if you have heard nothing; and when the Beloved shows Himself to you, behave in such a manner as if like a blind fellow you have seen nothing.
Dark night and bright day are the attributes of light,
But where there is beloved there is no color or form.
Carry basket of Tahqeeq* but not on head,
Hearken the call of Haqeeqat* like a deaf person,
Be blind to perceive the beloved.
گر ہے تحقیقِ حسن کا ارمان
دست و پا کا نہ سر پہ لے احسان
یہ ہے اک رہ گزارِ پرُاسرار
کام آتے نہیں یہاں اوسان
یہ ترے چشم و گوش کیا جانے
اس سراپا جمال کی پہچان
طلب حسن میں گناہِ عظیم
روح پر چشم و گوش کا احساں
آہ یہ رہگزارِ پراسرار
جس میں ہو جاتے ہیں خطا اوساں
پا نشینانِ کوے جاناں کو
میں نے دیکھا ہے سر بسر حیراں
سہل اندیش لوگ کیا جانیں
حسنِ مشکل پسند کی پہچان
باندھ کے تو تحقیق کی گٹھڑی، اس کو سر پر دھر،
سن تو باتیں حقیقت کی، تو بہرہ بن کر،
آنکھیں موند کے کر، درشن اپنے پی کے۔