Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون…
- (بيت) تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين…
- (بيت) تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون…
- (بيت) تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون…
- (بيت) تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون…
- (بيت) جانۡ ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون…
- (بيت) جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ…
- (بيت) جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ…
- (بيت) رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ…
- (بيت) رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ…
- (بيت) سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي،…
- (بيت) سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي،…
- (بيت) واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ…
- (بيت) واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو…
- (بيت) واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي…
- (بيت) ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ…
- (بيت) پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ…
- (بيت) چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ…
- (بيت) ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ…
- (بيت) ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا…
- (بيت) ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان…
- (بيت) ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي حبيب ۽ طبيب جو بيت
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي منھنجا پيارا پرين، هٿ مٿي کڻي هيڪر وڏو وار ڪر، ڇو تہ منھنجي دل ۾ (درد جي) دانھن دٻي پئي آهي. منھنجو سر وڍڻ ۾ دير نہ ڪر ڇو تہ آءُ وڌيڪ صبر ڪري نٿو سگهان. (تنھنجي هٿان مرڻ مون لاءِ انعام آهي). آءُ مرڻ وقت بہ اهو راز ڪنھن کي ڪين ٻڌائيندس تہ مون کي منھنجي محبوب ئي ماريو آهي.
[مثنويءَ ۾ ساڳئي عاشق بابت چوي ٿو
گر بريزد خون من آن دوست رو،
پائي کوبان جان بر افشانم برو.
(دفتر سوم، ب- 3837)
معنيٰ: جيڪڏهن اهو دل جو دلبر مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪري تہ جيڪر آءُ نچندو ٽپندو مٿس پنھنجي جان قربان ڪريان.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1139
هَنُ حَبِيْبَ هَٿُ کَنِيْ دِلِم﮼ تٖيْرِيْ دَاہَ﮶
ڪَھَان تَہ ڪُوْڪَ ٿِى﮼ صَبْرُ آَءٌ نَہ سَهَان﮶
ڪَھِکٖيْ اِيَ چَوَان تَہ مُنْکٖيْ مَارِئُوْ سَڃَن﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हणु हबीबा हथा खणी। दिल में तेरी दांहं।
कहअन तह कूक थई। सबुर आउऊं नह सहअन।
कंहिं खे ीअन चवााँ। तह मूं खे मारिअओ सॼणें॥
ROMAN SINDHI
HarN’u habib’a hath’a kharNi, dil’e men teri daanhan,
Kahaan ta kook’a theay, sabur aaon na sahaan,
Kahen khy eain na chawaan, ta moon khy mareo saJarNain.
TRANSLATIONS
O Beloved! it is my heart’s silent prayer that you kindly strike me vigorously. I would never give way to an expression, much less a shriek as it would mean giving ‘publicity to my distress occasioned by your blow. Simultaneously I have not the fortitude to bear the blow with complete unconcern. However, I would never convey to others that the Beloved has struck me. How can I do it?
Raise your hand and strike; it is my heart's silent cry,
Crying would be blatant and unbearable for patience is the pain,
To whom would I say that the beloved had struck me?
گلا کراں گی تیں تے سجن، جے نا مار مکائی
جے بولاں تاں چرچا ہوندا چپ وی رہا نا جائی
کہنوں جاکے آکھاں سجناں، ہتھوں موئی
ہاتھ اٹھائو خنجر مارو، مجھ کو موت گوارا ہے
کہہ نہ سکوں گی میں یہ کسی سے تم نے مجھ کو مارا ہے
ہاتھ اٹھا کے تیر چلادے، مانگے دل یہ ہر دم،
آہ کروں تو جگ جانے ہے، صبر نہیں جانم،
کیا بتلائیں ہم، کہ ساجن نے مارا ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)