Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي ڏيرن ناھي ڏوھ جو بيت
ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا،
سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ،
رائو روئِي روھُ، مُنڌَ ڳوڙَھَنِ سين ڳَچَ ڪِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
سسئي ڪوڪارون ڪريو پيئي پھاڙ ۾ پڇائون ڪري ۽ هاءِ هاءِ ڪريو پيئي منھن مٿو پِٽي. اهڙي ڏکويل حالت ۾ بہ هوءَ پنهونءَ جي ڀائرن تي ڏوھ نہ پيئي ڏئي (هُنن کي پنهونءَ جي جدائيءَ لاءِ ذميوار نہ پيئي سمجهي) پر سسئي روئي روئي (ايتري رُني جو) جبل ۽ رائي ريتيءَ کي پنھنجن ڳوڙهن سان پُسائي آلو ڪري ڇڏيائين.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ ساڳئي قسم جي تشبيھ ملي ٿي، جڏهن بخارا ڏانھن ويندڙ عاشق پنھنجو حال هن ريت بيان ڪري ٿو:
هر کجا يابي تو خون بر خاکها،
پي بري باشد يقين از چشم ما.
(دفتر سوم، ب-4703)
معنيٰ: رستي تي جتي بہ رت هاريل ڏسين، سمجهي ڇڏ تہ اُهي اسان جي اکين جا ڳوڙها آهن
هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو.
شب همي جوشم در آتش همچو ديگ،
روز تا شب خون خورم مانند ريگ.
(دفتر سوم، ب- 3893)
معنيٰ: مان سڄي رات باھ تي رکيل ديڳ وانگر ڪڙهان ٿو ۽ صبح کان رات تائين ريتي وانگر پنھنجو خون پسينو پيئان ٿو].
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 341
ڪُوْڪِئُوْ پُڇٖيْ ڪُوْہُ هَىءِ ڪِئُوْ هَنٖيْ هَٿَرَا﮶
سَا ڎُکَائِيْ نَڎٖيْ مَٿٖيْ ڎٖيْرَنِ ڎُوْہُ﮶
رَائُوْ رُوْئِيْ رُوْہُ مُنڌَ کُوْرِنَس﮼ کَچَہ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कूकिओ पुछे कोहु। है किओ हणे हथड़ा।
सा डु॒खां ई न डे॒। मथे डे॒रनि डो॒हु।
राओ रोई रोहु। मुन्ध गो॒ड़हनि सें ग॒च किओ।
ROMAN SINDHI
Koo ki'o puchhi koh'u, hay ki'o hannay hatharra,
saa dukhhaa'n ee na dday, mathay dderan'ay ddoh'u,
raa'o ro'ee roh'u, mundh'a ggorrhan'ay see'n ggach'a ki'o.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي،…
- (بيت) توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا…
- (بيت) جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن…
- (بيت) سا جَي ٿِيان ڀُون، وارِي…
- (بيت) سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا…
- (بيت) سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ…
- (بيت) سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ…
- (بيت) لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي…
- (بيت) نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو…
- (بيت) ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ…
- (بيت) وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ…
- (بيت) ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ…
- (بيت) پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي…
- (بيت) پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو…
- (بيت) ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ…
- (بيت) ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ…
- (بيت) ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ…
- (بيت) ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي…
- (بيت) ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان…
- (بيت) ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي…
- (بيت) ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي…
- (بيت) ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا…
- (بيت) گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ…
- (بيت) ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ…
