Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَگهِئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا…
- (بيت) اُتِ ڪا ڪَمِي ڪِيرَتِ جِي،…
- (بيت) اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان…
- (بيت) اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ…
- (بيت) اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ…
- (بيت) اُڀِرئِو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ…
- (بيت) اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن…
- (بيت) تُنبيرو تاڻي، چارَڻُ چوٽاڻِيءَ مَڻي،…
- (بيت) تُنبيرَنِ تَنوارَ، اَڄُ نَہ سُڄي…
- (بيت) تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون…
- (بيت) تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون…
- (بيت) تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون…
- (بيت) تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون…
- (بيت) جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا…
- (بيت) جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ…
- (بيت) جَنِ سُکوئِي ناھِ ڪو، چارَڻَ…
- (بيت) جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن…
- (بيت) داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ…
- (بيت) سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ…
- (بيت) سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ…
- (بيت) صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا…
- (بيت) طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين…
- (بيت) ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ…
- (بيت) مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو…
- (بيت) مُنجِهي ويھُ مَ مَڱڻا، ڪَنجِهيَنِ…
- (بيت) مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين…
- (بيت) مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن سَمُجهائي،…
- (بيت) مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن مُنجهائي،…
- (بيت) ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي…
- (بيت) ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي…
- (بيت) پاڻا مَٿي مَڱَڻي، ڏاتَرَ ڏُکَ…
- (بيت) پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي…
- (بيت) پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ…
- (بيت) پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون…
- (بيت) ڄاڻين توءِ مَ ڄاڻُ، اِي…
- (بيت) چارَڻَ وَسَ نَہ ڪا، تَہ…
- (بيت) چارَڻُ لَڱو پَنڌُ گهَڻو، ڪِي…
- (بيت) چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ…
- (بيت) ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي…
- (بيت) ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي،…
- (بيت) ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي…
- (بيت) ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا…
- (بيت) ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ…
- (بيت) کَڙَھَ اَڳِئان کَپُ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ…
- (بيت) ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ…
- (بيت) ڪاڏي سي تُنبِيرَ، جَنِ رِيجهايو…
- (بيت) ڪَرِ تَنِي جِي ڪا، جاجِڪُ…
- (بيت) ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو،…
- (بيت) ڪِيرَتِ راھَ گُمُ ڪِي، ڄاڻَ…
- (بيت) ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ…
- (بيت) گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجَهہ ۾،
سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 63 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو مالڪ مهربان، جيڪي ڪجهہ نٿا ڄاڻن يعني اهي موڳا منگتا ۽ چارڻ، جيڪي ڳائي وڄائي نٿا سگهن ۽ ڪيرت ڪري نٿا سگهن، تن کي بہ ڳُجهي نموني ۾ گهڻو ڪجهہ ڏئي ٿو. جيڪڏهن ان باري ۾ ڪيرت ڪرڻ وارن کي ڪا خبر پئجي وڃي يا ان بابت ٻُڌن، تہ جيڪر هُو پنھنجا سڀ ساز سُرندا اُن گهڙيءَ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين.
[مثنويءَ جي آکاڻيءَ موجب چنگ وڄائڻ واري تي پڻ جڏهن اها ڪيفيت طاري ٿئي ٿي تہ هو چنگ کي پٽ تي اڇلائي ڀڃي ڇڏي ٿو:
چون بسي بگريست وز حد رفت درد،
چنگ را زد برزمين و خرد کرد.
(دفتر اول، ب- 2186)
معنيٰ: جڏهن هو چنگ وارو حد کان وڌيڪ رُنو ۽ سندس درد حد کان وڌي ويو تہ هن چنگ کي پٽ تي اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेकी ड॒ड॒नि डे॒। गु॒झाईं गु॒झ में।
सो जो सुणीं कडि॒हीं। कीरति वारा के।
त साज़ मिड़ेई से। पिथूं कनि पल्क में॥
ROMAN SINDHI
Jeke DaDan De, gguJhaeen gguJh'a me,
So jo sunneen kaDheen, keerat waara ke,
Ta saaz'a mirreyi se, pithoon kan palk'a me.
TRANSLATIONS
If the experts were to know even partly what Allah gives in secret to the pedestrians who are ignorant of their professions, they would consider it futile to maintain their musical instruments, and they would directly break them into bits.
بنادان آں چنیں روزی رساند،
کہ دانا اندر آں حسیران بماند۔
(Roomi)
Allah grants livelihood to the ignorant to such an extent that it leaves the learned in amazement.
What in secret the generous Lord give to unskilled musicians,
Were of that the expert ones to learn,
There and then their instruments, they would break into bits.
If those who excel in the art of music, learn secret bestowing upon the unskilled,
Will at once smash all their instruments in places.
رب العرش العظيم يكرم وينعم على المطربين الملحميين الغبيين غيرمحنكين بعمات سرية لو يسمع العازفون المحنكون أصحاب المهنه يكسرون كل آلات الطرب بالمرة.
بنادان می دہد چندان دہندہ از پس پردہ
کہ سوزد از غم و حسرت اگر دانا چنان بیند
کند صد پارہ ساز خویش را باجوش و جولانش
بر اندازد تمامی سود عمرش در زیان بیند
وچوں وچ اوہ بے ہنراں نوں، جو کجھ پیا دیوے
جیکر اوہو راگاں والے، سن لیون کدھرے
ساز تاں اوہ سارے، پلک وچ کرسن پرزا پرزا
چھپا کر سب سے مجھ سے بے ہنر کو
دیئے ہیں تو نے اکثر جو سہارے
اگر اہل ہنر وہ جان لیتے
تو فوراً توڑ دیتے ساز سارے
دیتا ہے بے ہنروں کو، جو چھپا کے دانا دان،
جان لیں گر اس بات کو، گائک سب گنوان،
رہ جائیں حیران، توڑے ساز وہ سارے۔