ڪيچِ بابت
معنيٰ
ڪيچ ڏي يا پاسي (اسم خاص) بلوچستان جي هڪ مشھور ضلعي ۽ شھر جو نالو، پُنهونءَ جو ڳوٺ.
To Kech. It is a located in the Balochistan province of Pakistan. Village of Punhoo (a charecter of Shah Abdul Latif Bhittai's poetry)

بيتن ۽ وائين ۾
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾، جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ، وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ، نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِياڻِي، ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، ھُيَسِ جَنِ ھاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَھَ ۾.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي، ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو، وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو، وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو، مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ، ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ، مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ، مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ، ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ، ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھَورِنِ ھاڙِھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ، ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ، سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ، آرِيءَ جِي اِختِيارِ، ڪيچِ پَهتو قافِلو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارون اَچَنِ، ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ، جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جي ھنجَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ، آئُون جي ڏِيئيِن سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ، وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ، اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ، وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ، ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون، رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“، وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي، پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي، ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا، عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي، رَھِي جا…[ سُر معذوري - وايون ]
- ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي، اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ، ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ، اُڀِي پُڇي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين، ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين، تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جَڙَ جِيئَري جَنِ سين، مُئي سين تَنِ، جٖي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي، ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ، ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي، آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، بَرَ سُڄَنِ بارِي، جا مَنزَلُنِ مارِي سا قادِرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ ڪَنواٽَ، لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ، وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ساھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي، آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي. مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا، سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون، نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو، نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو، تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ، ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ، ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مُون کي نيئِي ويچِ، ٻاروچاڻِي ساٿَ ۾، آئُون پُڻ وَڃَي ڪيچِ، ٻُڏا ٻانِهيَنِ جِيئَن ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا، اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا، سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي پَرِيُون پَنڌُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ، آيَلِ آسابَندُ، ڪَنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سان…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي، جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي، جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون، جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سا جي ٿِيان ڀُون، وارِي جا واٽُنِ جِي، مَٿان وَڃَنِ مُون، ڪيچِي ڪَرَھَ قِطارِئو.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين، سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ، ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- وَڻِڪاران وائِي، ڪا جَا آندِي ڪيچِيين، سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- شَما واوَ شَموسَ، سِگهِي مِڙَندِينءَ سَسُئِي، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، گُئاخُ نَہ ڪِيڙُءِ گوَشِ، رَوا مَروشِي روشُ، ڪاھِ تَہ ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي، چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي، پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ ساڻُ، مَتان ڪا ڀُلِي لَنئُن لائي، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِيَڙا ڪَرَھَلَ ڪاھي، آسَڻَ مَھِندان…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا، سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا، ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا، ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي آھِيان، آئُون آھِيان جيڏِيُون. ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان، پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين…[ سُر ديسي - وايون ]
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان پَٻَ جو، وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ، وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي جَمالَ، ڪو جو سُورُ سَرِيرَ ۾، ڪِئو ڪيچِيَنِ جي ڪَمالَ، ھوتَ نَہ ڀائِي حالَ، موٽِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِھارِيين، سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ھاڙھو ڳاڙھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ، مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون، رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان، ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي، ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ ڏُکَ ڏيرَنِ تي، اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا، ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين، سي وَڃِي ٿِئا ڪيچِ قَرارِ، رُئان زارورزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين ھورُ لَھي ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ، رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي، مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڇَپَرِ ڇُلِي جَي، مَرين مُنڌَ مارَڳَ ۾، قَدُرُ ڪيچِيَنِ کي، پَئي تُنھِنجي پَنڌَ جو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي، پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ، ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي ھَلِئا مُون، وِندُرَ جي واٽُنِ تي، ويٺي کوٽِيَمِ ڀُون، اللهَ آھِين تُون، ھوتَنِ تان ھيڏِي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھَٿَ کَڻان تان ڏُورِ سَڏَ نَہ اوڏا سُپِرِين، ڪيچِيَنِ ڪَرَھَہ پَلاڻِئا، اوٺِيَنِ اُٺَ اَسُورِ، مُيَسِ نَہ آئُون مَعذُورِ، ھَلَڻُ سُڻِي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ، وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ، جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، آرِيءَ اُتُنِ جِيئَن، ڪيچِ پَهچَندِي ڪِيئَن، اِھڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون کي آھي، آيَلِ سُورُ سَندونِ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي، عَشقُ آرِيءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا، ٻاروچا ڪوھِيارا، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا، سُڌِ نَہ اُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪالَهہ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، اِيندا پَسَنِ شالَ، اوٺِي آرِيءَ ڄامَ جا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]