ڪيچِ جي سنڌي معنيٰ
ڪيچ ڏي يا پاسي (اسم خاص) بلوچستان جي هڪ مشھور ضلعي ۽ شھر جو نالو، پُنهونءَ جو ڳوٺ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To Kech. It is a located in the Balochistan province of Pakistan. Village of Punhoo (a charecter of Shah Abdul Latif Bhittai's poetry)
ڪيچِ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]

ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي،
مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 3 ]

ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ،
مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 24 ]

ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ،
ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 11 ]

کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ،
سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ،
آرِيءَ جٖي اِختِيارِ، ڪيچِ پَھتو قافِلو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 13 ]

ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي،
اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ،
ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ،
اُڀِي پُڇي پَھِيَرا، مُنڌَ سَندا جي ڪوھِيارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 9 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ،
آئُون جي ڏِيئِين سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ،
وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ ويچارِي واٽَ مُئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 3 ]

ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]