ڪيچان جي سنڌي معنيٰ
ڪيچ کان، پُنهونءَ جي ڳوٺان. (ڪيچ، بلوچستان جي هڪ مشھور ضلعي ۽ شھر جو نالو، جيڪو پنهونءِ جو آباڻو شھر ھئو.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From the Kech, From the village of Punhoo.
ڪيچان جا بيتن ۾ حوالا
روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]

اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين،
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون،
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 5 ]
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 5 ]
سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري رَنگِ،
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
English Meaning
From the Kech, From the village of Punhoo.