سُڄاڻُ جي سنڌي معنيٰ
هوشيار. چڱي ڄاڻ وارو، ڄاڻو، سِياڻو، عقلمند، هوشيار، عاقل. ڏاهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Well informed, intelligent, quick in understanding. Sharp-witted. Sagacious. A connoisseur.
سُڄاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم ڪانَہ،
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 24 ]
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 24 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]