سُڄاڻَ جي سنڌي معنيٰ
هوشيار. چڱي ڄاڻ وارا، ڄاڻو، سِياڻا، عقلمند، هوشيار، عاقل. ڏاها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Well informed, intelligent, quick in understanding. Sharp-witted. Sagacious. Connoisseur.
سُڄاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ،
ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ،
لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 3 ]