ھَڏِ جي سنڌي معنيٰ
لڱن کي، ھڏن کي، جسم کي، جسم ۾ ڪنڊي کي، عضون کي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To body, to bones, to whole existence
ھَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي،
رَھِي جا رِڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِ مَ ڇورِي،
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُونگَرِ ٿيِندِيَس ڏورِي.
[ سُر معذوري، وايون، 8 ]
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي،
رَھِي جا رِڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِ مَ ڇورِي،
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُونگَرِ ٿيِندِيَس ڏورِي.
[ سُر معذوري، وايون، 8 ]
کِکِي ھَڏِ نَہ کاءِ، ڇِڇي ھَڏِ نَہ ڇُهي،
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ،
سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون مَعافُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 5 ]
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ،
سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون مَعافُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 5 ]
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصالَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 2 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 2 ]
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ،
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
English Meaning
To body, to bones, to whole existence