ڪيچِي جي سنڌي معنيٰ
پنهونءَ جي ڳوٺ ڪيچ جا رھواسي، ڪيچ کان آيل، ڪيچ جا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or relate to kech, the village name of Punhoo.
ڪيچِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئِين آھِيو،
پاسي ۾ پَرِٽِ جي، جيڪي اُٺَ جُهڪايو،
وِلَهِيءَ جي وِھانءَ ۾، واڄَٽَ سَڀَ وَڄايو،
اُگَهاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پاڻَ پَراھِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَھَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرڪايو،
پُنهونءَ ڄامَ پَريٽِ سين، ويھِي سُورَ وِرَھايو،
لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَناھِيو،
پُنهونءَ ڄاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کارايو،
پَرَڻائي پُنهونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،
ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکاريو.
[ سُر آبڙي، وايون، 3 ]

سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِياڻِي،
ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي،
ھُيَسِ جَنِ ھاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَھَ ۾.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 16 ]

وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي،
رَھِي جا رِڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِ مَ ڇورِي،
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُونگَرِ ٿيِندِيَس ڏورِي.
[ سُر معذوري، وايون، 8 ]

جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]

آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]

ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]

سا جَي ٿِيان ڀُون، وارِي جا واٽُنِ جِي،
مَٿان وَڃَنِ مُون، ڪيچِي ڪَرَھَ قِطارِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 10 ]

جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين،
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُ مُنھِنجي ڏِينھَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 12 ]