وارَ بابت
معنيٰ
وارو، گهمرو، ڦيرو. وير، ويل، وقت، ٽاڻو، مھل، دير، وارو، ڀيرو. پل، ساعت، فرصت، مھلت، ڍَر، غفلت، سستي. واندڪائي، وارکائي. اُلَر، حملو، ڪاھ، وار. گهور، قِرباني يا مڃتا جي آڇ. مڃتا مڃڻ واري حالت. ٻئي جي جاءِ حاصل ڪرڻ واري حالت. گهمرو، ڪنھن جي ساراھ جو گيت، ڪيرتن (خاص ڪري سکن ۾) صدقو، گهور. (صفت). ڪن فارسي لفظن جي پڇاڙي (جا معنيٰ ڏيکاري ٿي)، جھڙو، لائق. طرز، دستور. اکر نسبت جيئن ”اُميدوار،سزا وار وغيرہ“.
Turn, revolve, times
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ، حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ، طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين، اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ، سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون، ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ، ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻا، تو لَڄايا يارَ، ويٺَيُون ڪَنِ ڪُوارَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين، آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ، وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ، ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ، لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ، وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ، وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ، آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ، بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جوري سين جابِرَ، صَبُرُ ڪِيئَن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ، ھاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو، ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو، نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ، ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ، ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي، آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ، ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَھَ گَڏِبَئِي سَسُئِي، ڀِنِيءَ پَئِي ڀَوارَئِين، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ، ھوتاڻِي ھيڪارَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي توڏا، وَنگِيَئِي نَہ وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا، لَڪَنِ جا لوڏا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ نَہ چُئان، ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ، چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڪِي جَي ڪَڍِئا پَارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾، سُڻِي تَنوارَ، مِرُون پِئا مامِري.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ، ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ، مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- نَہ ڪا ڏُکَ پَچارَ، آھَ نَہ سُڄي سُورَ جِي، ڪانِهي تَنِ تَنوارَ، نِينھَن نِماڻِيُون جي ڪِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ساٿِي توءِ ھَلَنِ، پَٿَرُ جي وارَ ڪَرِيان، جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڏِٺو عَيبُ اَکِيُنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وارَو وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تُنھِنجا سَسُئِي، ھِھَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَھَنديِنءَ ڪي ٻِئا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- نَہ ڪا تاتِ نَہ تُوتِ ڪا، نَہ ڪا طَلَبَ تَـنوارَ، ڪانِهي پِرتِ پَچارَ، لَنئُن ويچاري لَڏِئو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن ئِي ٿِي ھَٿَ کَڻِين؟ سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ، ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ، ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ، وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ، مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ، تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ، تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ سِرَنِ سَؤُ ھَزارَ، تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين آھِين، گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ، ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن پَچارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]
- ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ، سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ، ويتَرِ ٿا ووڙِينِ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- مَڙَه پُورِيائُون ماٺِ ٿِي، تَڪِيَنِ ناھِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿان اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ڏيئِي ڏُکَ ڏُورِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ جا، ويٺا وَڄائِينِ، جٖي سَناسِي سُڻين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَنِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار، ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ، تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ، وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ، ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- تُنبيرَنِ تَنوارَ، اَڄُ نَہ سُڄي ڳَنڃَڙي، مَڙِهيُون مَڱڻَھارَ، پُوري پَراھان وِئا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا، ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ، داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ، ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جَنبُو نَہ جُهونجارُ، سِينھُن وَڏيئِي سَتَ سين، وَڪو ويريُنِ ويڙِھِئو، توءِ ھَٽائي ھَزارَ، ڪيسَرِ ڪِلي وارَ، ٿو گَسَ نِھاري گينورِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- جَنبوُ نَہ جُهونجارَ، سِينھَن وڏيئِي سَتَ سين، ڪيھَرِ ڪِلي وارَ، ھَر دَمُ ھَڻي ھَٿَ سين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ، واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ، مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ، پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ، جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ، سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- اَڌُ لوئِي اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ، اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- هَي هَنڌَ هَي ڀيڻِيُون، هيءَ پَنوَهارَنِ پَچارَ، چُوها چَندَنَ چِڪَ ڪِئو، واسِئو ويڙِهِئائُون وارَ، سانبِيَڙا سَنگَهار، اُٺي وِئا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين، مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي، واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان،…[ سُر مارئي - وايون ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]