Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان…
- (بيت) تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ…
- (بيت) جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي…
- (بيت) جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري،…
- (بيت) جَا ڀُون پيرين مُون، سا…
- (بيت) راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن…
- (بيت) راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ…
- (بيت) سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ…
- (بيت) سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا…
- (بيت) لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا،…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون،…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتِ…
- سُر راڻو جَي ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ جو بيت
ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن پَچارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 25 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي دوستو!) ڪاڪ محل ڏانھن هلي پھچو، جتي محبت جي عام ڳالهہ (دعوت) پيئي هلي. اتي ٻيو ڪو مذڪور يا ڳالهہ ٻولهہ آهي ئي ڪانہ، هرڪو پنھنجي پرينءَ کي پَسڻ ۾ مشغول آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हलो हलो काकि तड़ि। जिते नींहं पचार।
कानिहे बी॒ तंवार। सभको पसे पिरींअ खे।
ROMAN SINDHI
Halo halo kaak tarr, jite neenhan pachaar'a,
Kanhe Bee tanwaar'a, sabhko passe pireen'a khe.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)