Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان…
- (بيت) تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ…
- (بيت) جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي…
- (بيت) جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري،…
- (بيت) جَا ڀُون پيرين مُون، سا…
- (بيت) راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن…
- (بيت) راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ…
- (بيت) سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ…
- (بيت) سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون،…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتِ…
- سُر راڻو جَي ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ جو بيت
لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا،
ھَٿان حَبِيبَنِ، ڪَڏِھِين ڪونَہ ڏُکوئِيو.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي سٻاجها ۽ سهڻا انسان هتان تيار ٿي پنھنجي (اصلي) ماڳ روانا ٿي ويا (گذاري ويا). اهڙن پيارن سڄڻن هٿان ڪنھن کي تڪليف ڪا نہ پھتي، ڪنھن کي ڪو ايذاءُ ڪو نہ رسيو (هڪ روايت موجب هن بيت ۾ شاھ لطيف پنھنجي والد شاھ حبيب جي وفات جو نقشو چٽيو آهي.)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3854
لَڎِئُوْ لَطِيْفَنِ پَلَانٖيْ پَنڌِّ ٿِئَا﮶
هَٿَا حَبِيْبَنِ ڪَڎِہْ ڪُوْنَ ڎُکُوْئِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लडि॒ओ लतीफ़नि। पलाणे पन्धि पिआ।
हथां हबीबनि। कडि॒हीं कोन डु॒खोइयो।
ROMAN SINDHI
Ladiyo latifan, palani pandh piya,
Hathan Habeeban, KaDheen ko na Dukhoeeyo.
TRANSLATIONS
The beloved packed up, harnessed the mount, and quit. (Obviously he found something wrong somewhere). As a matter of fact he never hurt any person (by word or deed) during the time he was here.
The dear ones packed up, rode away on their mounts,
While here they never harmed anyone.
کس پلانے بیلی تیرے پے گئے اپنے راہیں
تیں وچ ہوو خونامی کوئی رُسے ساجن تاہیں
لاد چلے ہیں میرے ساجن، چلے ہیں وہ پردیس،
سب کے خیر اندیش، دکھ نہ دیا کسی کو۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)