Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان…
- (بيت) تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ…
- (بيت) جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ…
- (بيت) جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري،…
- (بيت) جَا ڀُون پيرين مُون، سا…
- (بيت) راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن…
- (بيت) راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ…
- (بيت) سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ…
- (بيت) سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا…
- (بيت) لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا،…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون،…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ…
- (بيت) ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا…
- (بيت) ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي…
- (بيت) ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتِ…
- سُر راڻو جَي ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ جو بيت
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
هُن جوڳيءَ تي (سچ پچ) محبت جو اصلي رنگ چڙهيل هو. (هُو محبت جي مڪمل تصوير هو) ساميءَ جو چھرو سج جي سوجهري وانگر ٻهڪندڙ هو ۽ هو اوچتو ئي اوچتو پتنگ وانگر اچي ظاهر ٿيو. هُو ڪاڪ محل جا هنڌ ۽ ماڳ ڏسي موٽيو هو، تنھنڪري مومل ۽ ٻين حسين ڪنوارين جي عشق ۾ رڱجي لال ٿي آيو هو (مٿس محبت جو رنگ چڙهيل هو).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3716
جُوْکِيَ تٖيْ جَرَاءُ نِسُوْرُوْ ئِيْ نِيْهَ جُوْ﮶
پَتَنکَّہ جِيَ پَيْدَا ٿِئُوْ سَامِيْ سِڃَہ وَرَاءُ﮶
آَئِيُوْ ڪَاڪِ تَرَاءُ ڪُؤَارِيَنِ ڪَڪُوْرِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोगी॒अ ते जड़ाउ। निसोरो ई नींहं जो।
पतंग जीअं पेदा थिओ। सामी सिज॒ वड़ाउ।
आयो काकि तड़ां। कुंवारिनि ककोरिओ।
ROMAN SINDHI
Joggee te jarra'u, nisoro ee neenhan jo,
Patang'a jeean peda thiyo, saamee siJhhu warra'u,
Aayo kaak tarra'u, kunwarn kakoriyo.
TRANSLATIONS
That makes us feel certain that the radiance of the Jogi was entirely due to his love (for Mumal). This dignified person with the sun-like face had appeared on the horizon as abruptly as a moth - apparently from Kak -and had become ecstatic due to the influence of the virgins there (Mumal and her attendants).
Note: According to me the nomad jogi may be interpreted as Hazrat Adam, who enjoyed nearness to Allah while he was in Paradise, but who was rejected due to his lapse and turned out from it and was landed abruptly on earth. The patriarch always remembered Paradise and mourned his externment from it. Hazrat Adam was the first apostle of Allah and it was he who introduced Allah and monotheism to his progeny.
Yogi was adorned with the ornament of love,
Like the moth appeared the bright faced one,
Dyed in Sodi's love, he had come, from Kaak's watering place.
العابدون والزاهد كان مرصع بالحب والغرام.
العابد المتزهد يلمع ويسطع مثل الشمس وصار بارزا مثل الفراشة جاء من شاطئ كاك وأصبغته كوّنت محبة الفتيات العذاري.
جس جوگی تے رنگ عشق دا چڑہیا دون سوایا
لاٹ کسے دی وانگ پتنگے سامی مست بنایا
روپ کوارا کاک کنارے لال چلو لا دِسدا
تن تھا کندن کی طرح اور، عشق کا اس پر جڑاؤ،
جلنے کارن جنم لیا تھا، روشن سلکھ الاؤ،
کھایا کیا کیا گھاؤ، دیکھیں "کاک" کنواریاں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)