جوڳِيءَ بابت
معنيٰ
يوگيءَ، جوڳ پچائيندڙَ، جيڪو پنھنجو ڌيان ڌڻيءَ سان ملائي. هندو فقيرن جو گروھ جن جو اصول زهد ۽ تَپسِيا ذريعي خدا سان ملڻ جو هوندو آهي. سنياسي. نانگ جهليندڙ فقير. سيلاني فقير.
A kind of Hindu fakir, devotee. A snake-charmer, serpent-charmer. adj. Befitting, suitable.

بيتن ۽ وائين ۾
- پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا، پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا، ڇورِي ڇِنِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو، چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو، لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ ڀَڀُوتُ، سَرِيو سُون سُڪُوتُ، جوڳِيءَ سَندِيءَ ذاتِ کان.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جوڳِيءَ جاڳائي، مارِي وِڌا مامِري، لَنئُن لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اَمَيو آھي، وَڃو جي ڪاھي، تَہ نِڪُون پَسو نِينھَن جُون.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ، سَندو پُورَڀَ پارُ، آڇِيائِين اِيندَنِ کي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو، نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو، جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]