Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون…
- (بيت) توبَه تَنِ جي تَنَ ۾،…
- (بيت) توبَه جَنِ جي تَنَ ۾،…
- (بيت) توبَه جَنِ جي تَنَ ۾،…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ مُنھِنجا…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ،…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون…
- (بيت) زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، هَلَنِ ۾…
- (بيت) فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، جَڙِيائُون سين…
- (بيت) فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،…
- (بيت) وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- وايون
- سُر مارئي جَي زمر زخرف سومرا جو بيت
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، قُل جَنِي جو قُوتُ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءُ ساڻيھَ ۾ ثابُوتُ،
لَنگِهئو جَنِ لاهُوتُ، تَنِ پَکا پائُرِ اَڏِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 44 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سومرا، قرآن جي سورة”زُمر“ ۽ ”زُخرف“ کان سواءِ”قل“(چؤَ يعني سورة اخلاص) تي هنن جو پورو ڀروسو ۽ اعتماد آهي. ”توهين مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ توهان کي ياد ڪريان“ (قرآني آيت) جي پيروي ڪندي هو پنھنجي وطن ۾ محڪم ۽ مضبوط آهن. هو”جبروت“ جي منزل تي وڃي رسيا ۽ ان کان اڳ ملڪوت مان گذري ويا. آخر ۾ هنن پنھنجا اجها لاهوت يا الوهيت (تصوف جي اعليٰ منزل) تي وڃي کوڙي ڇڏيا (اتي پھچي ويا)
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ قرآن جي سورتن جي نالن جو استعمال ۽ انهن ڏانھن معنوي اشارا عام جام ملن ٿا. هڪ هنڌ چوي ٿو:
آن شهه و ”النجم“ سلطان ”عبس“،
لب گزيدآن سرد دم را گفت بس.
(دفتر چهارم، ب- 2082)
معنيٰ: والنجم جي بادشاھ ۽ ”عبس“ جي سلطان پنھنجا چپ ڀڪوڙيا ۽ هن کي چيو تہ بس!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ज़ुमरि ज़ुख्रुफ़ि सू्मरा। क़ुलु जनी जो क़ूतु।
फ़ज़्कुरूनी अज़्कुर्कुम। ईउ साणेह में साबूतु।
लंघिओ जनि लाहूतु। तनि पखा पाउरि अडि॒आ॥
ROMAN SINDHI
zumar'ay zukhruf'ay Soomaraa, qul jani jo qoowat'u,
Fazkurooni Azkrukum, ee'u saanneh'a mayn saaboot'u,
langhhi'o jan'ay laahoot'u, tan'ay pakhhaa paa'ur'ay addi'aa.
TRANSLATIONS
"Zumar" (a chapter of the Holy Quran), "Zukhruf" (a chapter of the Holy Quran), O Soomra! Their custom is to recall the promise they have made with the Almighty. (They believe in the verse of the Holy Quran that says,) "So remember Me (Allah), I will remember you." O Soomra! Whoever transcends "Lahoot" (the world of spirits), they establish their homes in "Paaur" (a spiritual realm).