Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پريم پاٺ جو بيت
اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
جن تولاءِ ڪجهہ نہ چيو آهي (تنھنجي باري ۾ ڪا ڳالهہ نہ ڪئي آهي) انهن لاءِ تہ تون بِنَھِن ڪجهہ بہ نہ چئو (متان تون پنھنجي ليکي انهن لاءِ ڪا غلط ڳالهہ چئي ويھين). بلڪہ جن تنھنجي باري ۾ ڪجهہ چيو آهي، تہ انهن جي چيل ڳالهہ کي پڻ وساري ڇڏ. رات ۽ ڏينھن جي سڀني پھرن ۾ تون اها ئي نوڙت ۽ نياز واري روش اختيار ڪر ۽ ان تي پورو هل. تون پنھنجي گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي مسڪينيءَ واري حال ۾ وقت گذار ۽ هر وقت پنھنجي اندر (ضمير) کان چڱيءَ ۽ بري ڳالهہ بابت راءِ وٺ تہ پوءِ تون ڪڏهن بہ (ظاهر واري) قاضيءَ جو محتاج نہ ٿيندين.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ هن مشهور حديث ڏانھن هن طرح اشارو آهي،
پس پيمبر گفت استفتوا القلوب،
گرچ مفتيان برون گويد خطوب.
(دفتر ششم، بيت- 380)
معنيٰ: انهيءَ ڪري پاڪ پيغمبر فرمايو آهي تہ دلين کان پڇو، توڙي جو ظاهري مفتي توکي وڏيون ڳالهيون ٻڌائين. يعني پنھنجي قلب کان فتويٰ وٺ توڻي جو ٻيا مفتي توکي فتويٰ پيا ڏين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1203
اَنَ چُوْندَلَنِ مَچَؤُ چُندَلَنِ چَيُوْ وِسَارِ﮶
پَائٖيْ مُهُ مُوْنَنِم﮼ غُرْبَتَ سَانُ کُذَارِ﮶
اَٽَئٍى پَھْرَ اَدَبَم﮼ پَرِ اِهَائِيْ پَارِ﮶
مُفْتِيْ مَنجِہ وِهَارِ تَقَاضِيْ ڪَانِيَارُوْ نَٿِيٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अण चूंदलनि म चऊ। चूंदलनि चयो विसारि।
पाए मुंहुँ मूननि में। ग़ुरबत साणु गुज़ारि।
अठई पहर अदब में। पर इहाई पारि
मुफ़्ती मंझि विहार। त क़ाज़ीअ काणियारो न थियीं॥
ROMAN SINDHI
Ann'a choondalan ma chau, choondalan chayo wisaar,
paaye munhun moonan me, Gurbat'a saann'u guZaar,
Athhaee pahar'a adab'a me, par'a ihaee paar,
Mufti manJh wihaar, ta QaZi'a kaanniyaaro na thiyen.
TRANSLATIONS
Do not be aggressive with those who have not said a word to you. Simultaneously forget what some aggressors have expressed against you. Adopt this policy of respectful restraint for all times. Live unpretentiously with your face placed low between your knees (so as not to be interested in worldly affairs). Consult your mufti (i.e. your conscience or soul) and obey his mandates. You will then not have to receive a reproach for anything from the Kazi (i.e. Allah).
Pardon others for excesses against yourself
Seek refuge with Allah if Satan makes evil suggestions to you
(199-200, Al-Airaf)
TRADITION: “Do you want from me guidance about distinction between good and bad? Consult your conscience for a verdict. If it is satisfied with your act, then it is a good act. But if it is dissatisfied with it, assume that there is something wrong with your act”.
Offend not those who offend you not,
Ignore the cutting remarks at you passed,
In humility and modesty live, nor from it ever budge,
Keep a lawyer within that you blush not before the judge.
Chide not those who chide you not, forget whatever is said to you,
Act on this guidance humbly all the time,
Keep your head between your knees, and lead a humble life,
Install a judge insider yourself so that you have no need for an outside judge.
الذين لا يتكلمون لا تقل لهم شيئا ولا تتبع القوالين وانس اقوالهم.
إختر هذا الاسلوب ليلا ونهارا بالخشوع والتواضع وعش حياة ضيقة مسكينة وضع رقبتك بين ركبتيك.
اوقظ ضميرك ونبهه قلبك المفتي ثم لا تحتاج القاضي۔
حذر کن از نگویندہ، گذر کن ھم ز گویندہ
بود لازم ادب امروز برگردان نہ ماضی را
نہادہ سر بہ زانو، گم یہ غربت باش روز و شب
ضمیرت چون شود مفتی، نپرسی ھیچ قاضی را
ماڑی آکھی دل نا لاویں، جس آکھی بُھل جائیں
اٹھ ھے پہر نال ادب دے ایہہ نیتی اپنائیں
وچ مسکینی ریہہ کے بیبا، ساری عمر بتائیں
دل مفتی نوں قائم کرکے قاضی جھاک نا پائیں
کہا سنا سب لوگوں کا تو، دل سے دے بِسرا،
آٹھوں پہر حلیمی کا ہی، خود کو درس سکھا،
جیون یار گزار دے اپنا، سر کو تو نہوڑا،
مفتی من میں بٹھا، پھر کیا حاجت ہو قاضی کی!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ…
- (بيت) اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي،…
- (بيت) اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي،…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ…
- (بيت) جيڪِي ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي…
- (بيت) جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ…
- (بيت) جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن…
- (بيت) جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون…
- (بيت) جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي…
- (بيت) جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي،…
- (بيت) سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي…
- (بيت) ساھَ سين سَڱُ سَنڍوريين. اُميرِي…
- (بيت) سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ…
- (بيت) سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي…
- (بيت) سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ…
- (بيت) سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سين، وَرائيجِ…
- (بيت) صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي…
- (بيت) عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،…
- (بيت) مَنجهان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ…
- (بيت) نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ…
- (بيت) نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرُ…
- (بيت) نَوَ ڀاڱا نوڻِ کي، ڏَھُون…
- (بيت) چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ…
- (بيت) چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي…
- (بيت) ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ…
- (بيت) ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ…
- (بيت) کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو…
- (بيت) کَمُ کَمندَنِ کَٽِئو، ھارايو ھُوڙَنِ،…
- (بيت) ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ،…
- (بيت) ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ…
- (بيت) ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ،…
- (بيت) ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ،…
- (بيت) ھُو چُونِئِي تُون مَ چَئُہ،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
