Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ…
- (بيت) اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ…
- (بيت) اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي،…
- (بيت) اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي،…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ…
- (بيت) جيڪِي ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي…
- (بيت) جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ…
- (بيت) جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن…
- (بيت) جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون…
- (بيت) جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي…
- (بيت) جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي،…
- (بيت) سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي…
- (بيت) ساھَ سين سَڱُ سَنڍوريين. اُميرِي…
- (بيت) سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ…
- (بيت) سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي…
- (بيت) سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ…
- (بيت) سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سين، وَرائيجِ…
- (بيت) صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي…
- (بيت) عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،…
- (بيت) مَنجهان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ…
- (بيت) نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ…
- (بيت) نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرُ…
- (بيت) نَوَ ڀاڱا نوڻِ کي، ڏَھُون…
- (بيت) چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ…
- (بيت) چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي…
- (بيت) ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ…
- (بيت) ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ…
- (بيت) کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو…
- (بيت) کَمُ کَمندَنِ کَٽِئو، ھارايو ھُوڙَنِ،…
- (بيت) ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ،…
- (بيت) ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ…
- (بيت) ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ،…
- (بيت) ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ،…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پريم پاٺ جو بيت
ھُو چُونِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي ويڻُ،
سَڀَنِ سين سَيِّدُ چئَي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
کانڌِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني مان ڪِي نَہ ٿِئي.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
هو ڀلي ڪجهہ بہ چون پر تون موٽائي ان جو جواب نہ ڏي، تون ڪو اهڙو گفتو نہ ڪڍ. سيد ٿو چوي تہ تون پنھنجي دل کي سڀني واسطي ميڻ وانگر نرم ڪر (ان ۾ هوڏ ۽ سختي اچڻ نہ ڏي). صبر (بردباري) جھڙو ڪو ٻيو طعام (روح جي خوراڪ) نہ آهي، بغض۽ حسد ڪرڻ سان ڪجهہ نٿو ملي.
[مثنويءَ ۾ پڻ صبر بابت هينئن چيو ويو آهي:
صبر تلخ آمد و ليکن عاقبت،
ميوهء شيرين دهد ير منفعت.
گفت اي نورحق و دفع حرج،
معنيٰ الصبر مفتاح الفرج.
(دفتر اول، ب- 96)
معنيٰ: صبر ڪوڙو آهي، پر آخر ۾ ان جو ڦل مٺو ۽ لذيذ آهي. هن چيو اي خدا جي روشني ۽ تڪليف کي ٽارڻ وارا ’بيشڪ صبر خوشيءَ جي ڪنجي آهي‘.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1193
هُوْ چُوْنِئِى تُنْ مَچَؤُ وَاتَا وَرَائٖيْ وٖيْنُ﮶
سَڀِنِ س﮼ سَيِّدُ چٖيْ مَنُ مَارٖيْ ڪَرِ مٖيْنُ﮶
کَاندِ وَڎُوْئِيْ کٖيْنُ ڪٖيْنِيْ مَا ڪِيْنَ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हू चूनिई तूं म चऊ। वातां वराए वैणु।
सभिनि सें सयिदुरह चए। मनु मारे करि मेणु।
खांधि वडो॒ई खेणु। कीने मां की न थिए॥
ROMAN SINDHI
Hoo Chuwanai toon ma chao, wataan warae wenn'u,
Sabhan seen sayid'u chae, man'u maare kar menn'u,
Khaandh waDoee khenn'u, keene maan kee na thiye.
TRANSLATIONS
Even when they reproach you, do not return the reproach. Sayed says: “be very humble and soft like wax with every person. Whereas self-restraint is a very good treat, malice yields nothing”.
Repel evil with what is best. (96, Al-Mumnun)
So turn away from them in a comely manner. (55, Al-Hijr)
TRADITION: Be the friend of him who desires you, give to him, who has deprived you, and forgive him who has wronged you.
بیش طلبی زہیچ کس بیش مباش
چوں مرہم و موم باش چوں تیش مباش
(Roomi)
Do not excessively expect your return from any person, nor be inflated. Be like antidote and wax and not like a hatchet.
If any one talk at you, don't talk back,
Lateef says, melt your heart like wax for all,
Tolerance is rewarded, malice gains nothing.
بات کہنے سے کچھ نہیں حاصل دل میں رکھنا ہی اس کا اچھا ہے
جس قدر بھی کمان کھینچو گے اتنا ہی ٹوٹنے کا خطرہ ہے
تجھ کو برا کہے جب کوئی، بس تو رہ خاموش،
موم کی صورت پگھلا دے تو، غیض و غضب اور جوش،
صبر کا پھل کر نوش، کینے سے کیا حاصل۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)