Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 71 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن (درياھ ۾ ويندي) گهڙو ڀڄي پيو آهي تہ اهو گهوريو ڀلو! بلڪہ ڀلي منھنجو (ٻانھن ۾ پاتل قيمتي) چوڙو بہ ٽٽي پرزا ٿي وڃي. ”حق جو طالب ئي مرد ماڻهو آهي.“ اهو قول ئي ٻڏندڙن واسطي بچاءُ ۽ آسرو آهي. ڏم (انسان جو نفس) ڪوڙ ۽ ڪوڙه جھڙي بيماريءَ جيان آهي. منھنجي دل اندر تہ ميھار ئي آهي.
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
خُم شکستہ آب ازو ناريخته،
صد درستي زين شکست انگيخته.
جزو جُزو خم برقص ست و بحال،
عقل جزوي را نموده اين محال.
(دفتر اول، ب- 2867-8)
معنيٰ: مَٽُ ڀڄي پيو، پر ان جو پاڻي نہ وهيو. ان جي ڀڄي پوڻ سان سوين درستيون (سولايون) ٿي پيون. ڀڳل مٽ جو هر ٽڪرو رقص ۾ حال مست آهي. ليڪن ناقص عقل واري کي اها ڳالهہ ناممڪن لڳي ٿي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1609
کَرُوْ ڀَکُوْ تَہ کُوْرِئُوْ مَرُ چُوْرُ ٿِي﮼ چُوْرُوْ﮶
طَالِبُ الْمَوْلٰى مُذَڪِّرُ اِيُ ٻُڎَدَنِ ٻُوْرُوْ﮶
ڪُوْرِهُوْ مَنُّ ڪُوْرُوْ مُنْ مِهَارُ ئِيْ مَنَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
घड़ो भगो॒ त घोरिओ। मरु चूरु थिए चूड़ो।
तालिबुल्मोला मुज़किरु। ईउ बु॒डं॒दनि बू॒ड़ो।
घोरिओ ड॒मु कूड़ो। मूं मेहारु ई मन में।
ROMAN SINDHI
Ghharro Bhaggo Ta Ghhori'o, Mar'u Choor'u Thiye Chooro,
Taalib'ul'Maula Muzakir'u, Ee'u Budandan'ay Boorro,
Ghhori'o Dam'u Kooro, Moon Maehaar'u Ee Mann'a Mayn.
TRANSLATIONS
No matter if the jar broke up or the bangles were bent under the mud's pressure. The seeker of Allah is the 'man', (i.e. he is bold and courageous). This is the helpful straw of (solace) to those who are precariously conditioned. The leprous Dam is malafide. Mehar pervades my mind. (The baser-'self' or the worldly connections are pernicious. They try to weaken you and divert you from the straight path by creating in you the apprehensions of discomfort or even of death. A seeker should always bear Allah in mind and be courageous).
TRADITION: Seeker of Allah is "the man"(i.e. he is manly).
It is well that pot and bangle broke into hits,
"God's seeker is the true man, enough for him is this raft,
Dam is diseased and false, Mehar dwells in my heart.
No matter if my pitcher broke, and bangles cracked,
"The seeker of Allah is masculine"*
This is the bush for the drowning to hold on to,
The leper Dum is a liar, I have Mehar in my heart.
لو انكسرت جرة لا أهتم بها- ولو تكسر دملجي وخلخالي لايهمني ولا يقلقني- لقد فديت نفسي على حبيبي الذي يطلب ربه- هو الرجل الصحيح- الصادق.
الشرف والعز للذين يغرقون فى بحر الحب.
هي علامة الشرف. دم كذاب وخادع فى روحي يعيش حبيبي- ميهار.
دم- كان زوجها. السيد الشاعر يقول دم النفس الأمارة.
بَھلا ہویا ایہہ گھڑا تے بھجا چُور کڑیچا ہویا
طالب مولا سورا پورا میرا ٹیچا ہویا
میرے من وچ ماہی وسدا، کوڑ {ڈم (*)} نالوڑاں
(*) سوہنی دا پتی
گھڑا رہے نہ باقی بیشک، رہے نہ ہار سنگھار،
طالبِ المولیٰ مًذکر، اِسکی لی ہے سہار،
پریتم ہے میہار، جھوٹا ڈم کا ناطہ ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا…
- (بيت) اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان…
- (بيت) تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي،…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ…
- (بيت) جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي…
- (بيت) جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ…
- (بيت) سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ…
- (بيت) سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي…
- (بيت) عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو…
- (بيت) مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو…
- (بيت) واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ…
- (بيت) وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي…
- (بيت) وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ…
- (بيت) ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي…
- (بيت) ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ…
- (بيت) گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا…
- (بيت) گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
