Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ…
- (بيت) اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ…
- (بيت) اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا…
- (بيت) اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي…
- (بيت) اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ…
- (بيت) بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ…
- (بيت) جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾،…
- (بيت) جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾،…
- (بيت) جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾،…
- (بيت) جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ…
- (بيت) جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ…
- (بيت) ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو…
- (بيت) سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون…
- (بيت) سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ…
- (بيت) سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ…
- (بيت) سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،…
- (بيت) سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو…
- (بيت) سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي…
- (بيت) سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي…
- (بيت) سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ…
- (بيت) سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ…
- (بيت) سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين…
- (بيت) سِسِي سي گُهرَنِ، جَي واڻيندَلَ…
- (بيت) عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي…
- (بيت) مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي،…
- (بيت) مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،…
- (بيت) ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو…
- (بيت) وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ…
- (بيت) پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ…
- (بيت) ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ…
- (بيت) ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ…
- (بيت) ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن…
- (بيت) ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ…
- (بيت) ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪلياڻ جَي سُوري، ڪاتي ۽ زھر جو بيت
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي عاشق) جيڪڏهن توکي (محبوب جي هٿان) شراب پيئڻ جو شوق آهي تہ پوءِ ان جي ميخاني واري ڳليءَ ۾ وڃ، هتي هميشه کان هن پيرِ مغان (ميخاني جي مالڪ) جي وڏي هاڪ پيئي ٻڌجي. مون جڏهن ان راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ معلوم ٿيو تہ اتي سر ڏيندي هڪ سرڪ جو ملڻ بہ نصيب وارن لاءِ آهي.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 993
جٖيْ اَٿٖيْئِيْ سَڌَ سُرْڪَم﮼ وَاءُ ڪَلَارَڪِيَ ڪُوْءِ﮶
مَي﮼ سَرَ جٖيْ مَندَ جِيْ هَڎِہٍ هُوْءِ﮶
جَان رَمْزَ پَرُوْرِيَمِ رُوْءِ تَان سِرَ وَٽِ سُرْڪِيْ سَکُنِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे अथई सध सुर्क जी। त वंउ कलाड़के कूइ।
महेसर जे मध जी। हुति हॾिहीं हूइ।
जां रम्ज़ परूड़ियम रूइ। तां सिर वटि सुर्की सॻुणी॥
ROMAN SINDHI
Jy athai sadh’a surk’a ji, ta waoon kalaRakee koo’e,
Mahesar’a jy madh ji, hut’e haDaheen hoo’e,
Jaan ramz’a parooRiyam roo’e, taan sir’a wat’e surky saGuNe.
TRANSLATIONS
If you are really interested in this wine, then proceed to its vendor's lane. You will always find hustle bustle there, implying acute demand for this hall mark wine approved by Shiv Maharaj, the Deity. Personally when I realized the significance of its brand, I at once offered my head for a blessed sip thereof.
Eternal drink if you desire, seek tavern's street,
Where cry for such drink is always heard,
Cheaper head's bargain find, when this mystery is unfurled.
If you yearn for a sip of wine go to winer's lane,
All around there is clamour for wine of god Shiva,
I have puzzled it out, a sip of that wine is worth one's head.
لو تشتهي أن تشرب
جرعة ورشفة إذهب إلى شارع صاحب حانة هناك ينادى عن خمر الحبيب بالاستمرار
عندما أدركت رمز اللغر والأ حجوعة.
عرفت لو حصلت رشفة واحدة فديت رأسي وأحسب نفسي سعيدا.
اگر مقصد بہ می داری، برو در کوچہءِ ساقی
کہ آنجا آتشِ سیال را تشہیر می باشد
شدم چون واقف از رمزش، بگفتم کلمہءِ تحسین
کَرا نمایہ ز سر آن میءِ، کہ خوش تقدیر می باشد
جے گُھٹ پینی چاھیں مُلاں، گلی کلالاں جائیں
ہوکا دیندے "مدھ مہیسر" مِلدی ہی ایتھائیں
سِر دتیاں وی سستا سودا، بُجھی رمز پیچیدہ
جہاں بکتی ہے، اس کوچے میں جائو اگر ہے جرعۂ مے کی تمنا
رموز مے فروشی ہیں نرالے کوئی سمجھا انہیں کوئی نہ سمجھا
خمار چشم جاناں کی، قسم ہے یہ سودا، سر کے بدلے بھی ہے سستا
گر ہے مے کی خواہش تو پھر، کوچہ کلال میں جا،
مہیسر، کی مے کا ہر دم، وہاں ہے شور برپا،
رمز میں یہ سمجھا، کہ سر کے بدلے مے سستی ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)