سُرڪَ بابت
معنيٰ
ڍُڪَ. چُڪو، ٻُٽو، ذرو، ٿورو، چُڪِي
Sip, sup, slurp
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي، تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو، قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو، اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي، تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ، لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي، اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي، سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]