سُرڪَ جي سنڌي معنيٰ
ڍُڪَ. چُڪو، ٻُٽو، ذرو، ٿورو، چُڪِي
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Sip, sup, slurp
سُرڪَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي،
تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ،
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 21 ]
تَنھِن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرڪَ،
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِڙِڪَ، لوھان تِکِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 21 ]
ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي،
اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 22 ]
اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 22 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]
English Meaning
Sip, sup, slurp