سُرِڪِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڍُڪَ. چُڪي، ٻُٽي، ذري، ٿوري، چُڪِيءَ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sip, sup, slurp
سُرِڪِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا،
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن،
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
English Meaning
Sip, sup, slurp