Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي،…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ…
- (بيت) تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ…
- (بيت) جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران…
- (بيت) جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي،…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي…
- (بيت) سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ…
- (بيت) سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين…
- (بيت) سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي…
- (بيت) سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي…
- (بيت) ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾…
- (بيت) ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،…
- (بيت) ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا…
- (بيت) مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين…
- (بيت) مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين…
- (بيت) مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ…
- (بيت) وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي…
- (بيت) وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ…
- (بيت) وِتُ ويِمي جو جَي لَھين،…
- (بيت) پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون…
- (بيت) پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو…
- (بيت) ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين…
- (بيت) چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون…
- (بيت) چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ،…
- (بيت) چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سريراڳ جَي صراف ۽ جوھري جو بيت
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 20 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سونارا، صراف سان تنھنجي راند نہ هلي سگهندي (ان سان کيڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر). تون جو سڀڪجهہ (ملاوت ۽ کوٽ ڪيو) چاندي ڪري پيو وڪڻين، اها ڳالهہ توکي ڳچيءَ ۾ ضرور پوندي، ڇو تہ جڏهن صرافن وارو سڏ (سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ جو اعلان) ٿيندو، تڏهن تہ (واري جھڙا) ننڍا ذرڙا بہ تارازيءَ ۾ ترندا (۽ سڀ ڳالهہ ظاهر ٿي پوندي).
[مثنويءَ وارو اها ساڳي ڳالهہ هن ريت سمجهائي ٿو:
اندر آن بازار کاهل محشرند،
حس مس راچون حس زر کي خرند.
(دفتر دوم، ب- 50)
معنيٰ: محشر جي بازار ۾ (قيامت جي ڏينھن) جتي پارکو صراف هوندا، اهي تنھنجي ٽامي واري چيز کي سون جي برابر ڪيئن خريد ڪندا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1352
سُوْنَا وَاءُ صَرَافَ سِيَ بَازِيْ ڀَڃِيْ ڇَڎِ﮶
چَاندِيْ ڪِئُوْ چَلَائِي﮼ مَڇُنْ پُوْءٍ هَڎِ﮶
وَٽِ صَرَافِيَ سَڎِ تُوْرِيْدَا تَجْوِيْزَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सोना वांउ स़राफ़ सींअ। बाज़ी भजी॒ छडि॒।
चांदी किओ चलाइयें। मछुणु पोई हडि॒।
वटि स़राफ़ीअ सडि॒। तोरींदा तजिवीज़ सें।
ROMAN SINDHI
Sona waun'u Saraf seen'a, bazee bhaJhhee chhaD,
Chandee kiyo chalaaeyen, machunn poe haD,
Watt Sarafee'a saD, toreenda tajweez'a seen.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.