Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي صراف ۽ جوھري جو بيت
وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا،
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن توکي صحيح خبر پوي تہ جيڪر پوءِ تون ٻيو ڪو ڪاروبار نہ ڪرين. اها حقيقت توکي (اصلي) سوداگرن (سالڪن) کان ئي معلوم ٿيندي، جن وٽان تون وڏيءَ سوچ سان موتي وٺڻ ويندو آهين، (جيڪي انهيءَ سودي جي صحيح سمجهہ رکن ٿا).
جيڪڏهن توکي اهڙي (محفوظ) ڪاروبار جي خبر رکڻي آهي، جو پوءِ توکي ڪڏهن بہ نقصان نہ ٿئي (هميشه منافعو ڪمائين)، تہ اها ڳالهہ توکي وڏن وڻجارن وٽان معلوم ٿيندي. انهن جي ادب سان ئي توکي صحيح موتي هٿ اچي سگهن ٿا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1335
وِةُ وِيْمٖيْ جُوْ جٖيْ لَه﮼ تَہ ٻِيْ ڪَارِ نَڪَر﮼ ڪَا﮶
اِهَا پَرُوْرِجِ کَالَرِيْ وَنِجَارَنِ وَٽَا﮶
مُوْتِيْ جَنِ هَٿَا آَندَءِ کَنِيْ اَدَبَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वितु वीमे जो जे लहें। त बी॒ कारि न करीं का।
इहा परूड़िजि गा॒लहड़ी। वणिजारनि वटां।
मोती जनि हथां। आंदइ घणे अदब सें।
ROMAN SINDHI
Wit'u weeme jo je laheen, ta Bee kaar na kareen ka,
Iha paroorrij ggalihrree, wannjaaran wattaan,
Motee jan hathaan, Aandae ghanne adab'a seen.
TRANSLATIONS
If you could appreciate the true value of the merchandise (of Divine guidance) you should not engage yourself in anything else. In this conñection you may take guidance from the experienced traders, from whom you respectfully got some pearls (of Divine guidance).
Note: Here the poet suggests frequent consultations with guides/ saints.
Were you to know the truth of true trafficking, you would give up all,
Learn this secret from those who in truth trade,
Through whose guidance, pearls you would get.
If you appreciate the real business, you will not do any other thing,
This business secret you can learn from the expert traders,
From whose hands you so respectfully received pearls.
لو انت عرفت التجارة الصحيحة فما عملت عملا ثانيا.
هذا السر وهذه الحقيقة. إنهم من التجار الصادقين بواسطتهم تقدر تعثر على اللآلي بالتواضع وبالخشوع.
شُناسی قدر اگر سوداگری را سادہ دکل چندان
نہ بندی دل تو با کار دگر این کار بسیار است
بگیر این درس از سوداگران تا با مراد آئی
کہ در سودا گری بر لحظہ با ایشان تُرا کار اَست
سچا ونج کریں تو ں بیبا کمڑے ہور وساریں
سچا ونج کرن ونجارے سچی کار وچاریں
جہناں پاسوں نال ادب دے موتی حاصل ہوون
نہیں ہے اس سے بڑھ کر کام کوئی
بڑی نعمت ہے سوداے حقیقت
تجھے جن سے ملے ہیں نایاب گوہر
وہ سوداگر ہیں داناے حقیقت
قدر تو جانے بیمے کی تو، کرے نہ اور بیوپار،
ان سے سیکھ جو کرتے ہیں، سچ کا کاروبار،
جن سے لائے یار، موتی عجز و نیاز سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي،…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي…
- (بيت) اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ…
- (بيت) تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ…
- (بيت) جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران…
- (بيت) جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي،…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو…
- (بيت) سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي…
- (بيت) سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ…
- (بيت) سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين…
- (بيت) سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي…
- (بيت) سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي…
- (بيت) ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾…
- (بيت) ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،…
- (بيت) ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا…
- (بيت) مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين…
- (بيت) مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين…
- (بيت) مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ…
- (بيت) وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي…
- (بيت) وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ…
- (بيت) پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون…
- (بيت) پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو…
- (بيت) ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين…
- (بيت) چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون…
- (بيت) چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ،…
- (بيت) چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
