Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَندَرِ رَلا رَلِيُون، اَندَرِ پَٽولا،…
- (بيت) جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو…
- (بيت) جَو ڪُھَنڌِ سُھَنڌِ سامُهُون، پِرتِ…
- (بيت) سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ…
- (بيت) سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ…
- (بيت) عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ…
- (بيت) عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا…
- (بيت) عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا…
- (بيت) مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ…
- (بيت) نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا…
- (بيت) نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين…
- (بيت) نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ…
- (بيت) وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ…
- (بيت) ٻَھَرِ رَلا رَلِيون، ٻَھَرِ پٽولا،…
- (بيت) ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ…
- (بيت) ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ…
- (بيت) ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ…
- (بيت) کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ…
- (بيت) کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبرِيُن، نيئِي…
- (بيت) ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو…
- (بيت) ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ…
- (بيت) گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ…
- سُر رامڪلي جَي سڳا سيلهيون ۽ نااميدي جو بيت
سامِي تُون سُلُوڪَ کي، ھَٿان ھَڏِ مَ ڇَڏِ،
لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، تَہ رَھين تُون راڄَ ڪَري.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سامي، تون سلوڪ (طريقت جي واٽ) کي ڪڏهن بہ ترڪ نہ ڪجانءِ (ان تي محڪم ۽ مضبوط رھ). توکي گهرجي تہ جھڙيءَ طرح ان راھ جا پانڌيئڙا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏيندا (منزلون يا سلوڪ جو سير ڪندا) اڳتي وڌندا رهن ٿا، تيئن تون پاڻ هنن سان گڏ هلندو رھ، تڏهن تون پنھنجي منزل ماڻيندين ۽ ڪامياب ٿيندين (تڏهن تنھنجي مڃوتي ٿيندي).
[مثنويءَ۾ مرشد يا روحاني رهبر جي رهنمائي ۾ هلڻ جو بار بار درس ملي ٿو:
هر که تنها نادر اين ره را بريد،
هم بعون همت مردان رسيد.
(دفتر اول، ب- 2974)
معنيٰ: جيڪڏهن ڪنھن اڪيلي سر هن راھ جو سفر طئي ڪيو آهي تہ اهو بہ الله وارن جي مدد سان ئي منزل تي پھتو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2672
سَامِيْ ءٍ سُلُوْڪَکٖيْ هَٿَا هَڎِ مَڇَڎِ﮶
لَڎِيْدَنِس﮼ لَڎِ تَہ رَہ﮼ تُنْ رَاڃَ ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सामीअ एं सुलूक खे। हथां हडि॒ म छडि॒।
लडीं॒दनि सें लडि॒। त रहें तूं राज॒ करे।
ROMAN SINDHI
Sam'eiy toon salook' khey hu'a ha'aD mach'aD,
LuD'an deis la'aD na'a raah tin'n raaJ ka'rey.
TRANSLATIONS
O holy man! Never forsake or break the prescribed concord of mind. Join the ranks of those who renounce the world, (and prepare yourself for death), so that you may have a good time while you live.
راہ سلوک کی چھوڑ نہ سوامی، تو یہ بات سمجھ لے،
جا تو تُو سکھ پائے، سنگ انکے جو لاد گئے ہیں۔