Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَندَرِ رَلا رَلِيُون، اَندَرِ پَٽولا،…
- (بيت) جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو…
- (بيت) جَو ڪُھَنڌِ سُھَنڌِ سامُهُون، پِرتِ…
- (بيت) سامِي تُون سُلُوڪَ کي، ھَٿان…
- (بيت) سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ…
- (بيت) سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ…
- (بيت) عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ…
- (بيت) عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا…
- (بيت) عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا…
- (بيت) مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ…
- (بيت) نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا…
- (بيت) نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين…
- (بيت) نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ…
- (بيت) وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ…
- (بيت) ٻَھَرِ رَلا رَلِيون، ٻَھَرِ پٽولا،…
- (بيت) ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ…
- (بيت) ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ…
- (بيت) ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ…
- (بيت) کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ…
- (بيت) کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبرِيُن، نيئِي…
- (بيت) ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو…
- (بيت) گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ…
- سُر رامڪلي جَي سڳا سيلهيون ۽ نااميدي جو بيت
ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ ڪا اَڄُ صُباحَ،
وَنءُ تَنھِين سين واڳِئو، جيڪِي پَسِين مَنجِهہ پَساھَ،
رَمُ رَبانِي راھَ، مَٿي حالَ ھوشِيارُ ٿِي،
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون ڪالهہ جي ڪھڙي خبر ٿو پڇين. (اصل ۾) نڪي اڄ آهي ۽ نہ سڀاڻي. توکي گهرجي تہ تنھنجي ساھ پساھ (حال) سان جنھن هستيءَ جو واسطو آهي، ان سان هر صورت ۾ گڏجي هلين. ائين تون رب طرفان مقرر ڪيل واٽ تي هلندو رھ ۽ پنھنجي حال بابت پوري هوشياريءَ ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺ.
[صوفين وٽ ’حال‘ ۽ ’مقام‘ ٻہ خاص اصطلاح آهن. ’حال‘ اها ڪيفيت آهي جيڪا سالڪ تي پنھنجو پاڻ وارد ٿئي، جيڪا خدا جي طرفان هوندي آهي، اها سالڪ جي ضابطي ۾ نہ هوندي آهي. ’مقام‘ اها ڪيفيت جيڪا سالڪ پنھنجي محنت سان حاصل ڪري ٿو. ’حال‘ جو مثال قرب ۽ مُشاهدو ذوق ۽ شوق، محو ۽ جذب وغيرہ آهن، ’مقام‘ جو مثال تسليم، رضا وغيره آهن. تصوف جي اوائلي تصنيف ’ڪتاب اللمع‘ ۾ ست مقام ۽ ڏھ حال بيان ٿيل آهن.
مثنوي روميءَ ۾ آهي تہ صوفي ابن الوقت آهي يعني هو وقت سان ٻِٽ هلي ٿو. هڪ ساعت يا لمحو بہ ضايع نٿو ڪري ۽ صبحاڻي جي ڳالهہ نٿو ڪري. ٻئي هنڌ وري رومي چوي ٿو تہ ماضي ۽ حال جي نسبت انسان سان آهي، ۽ خدا جي لاءِ اهي سڀ هڪ آهن. سالڪ ۽ عارف جيئن تہ خدا جي ذات ۾ فنا آهن، تنھن ڪري اهي سالڪ سان بہ لاڳو نہ آهن:
لامکاني کي درو نور خد است،
ماضي ومستقبل وحالش کجاست.
(دفتر سوم بيت 1151)
معنيٰ: اهو لامڪان جنھن ۾ خدا جو نور آهي، اتي ماضي، مستقبل ۽ حال ڪٿي آهن؟]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2675
ڪِھَرِيْ پُڇہ﮼ ڪَالَ ڪَرَنَڪَا اَڃُ صُبَاحَ﮶
وَءُ تَهٍ س﮼ وَاکِئُوْ جٖيْڪٍ پَس﮼ مَنجِّہ پَسَاہَ﮶
رَمُ رَبَّانِيْ رَاہَ مَٿٖيْ حَالَ هُشْيَارُ ٿِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
किहड़ी पुछें कालह। कर। न का अजु॒ सुबाह।
वंउ तंहीं सें वागि॒ओ। जेकी पसें मन्झ पसाह।
रमु रबानी राह। मथे हाल हूशियारु थी।
ROMAN SINDHI
Keh'ri puchein kal'h,, kar'r na ka aJ subha,
Wan'n tin'hein seein waGo', je'key pa'sein manJ'h pasaah,
Ram'h Ru'bani Rah' maTh'ey Hal'l hosh'eyar theiy..
TRANSLATIONS
Why are you interested in the past? Do not think in the terms of today and tomorrow even. Procrastination is unwarranted. Get along and entwine yourself with those who perceive Allah in their heart’s pulsation. March along the way of Allah and be careful even in your trance.
Tomorrow, and tomorrow and tomorrow creeps in this petty pace from day to day, to the last syllable of recorded time; and all our yesterdays have lighted fools the way to dusty death
(Shakespeare, Macbeth).
غمِ فردا نہ فکرِ دوش انہیں
اک ہوا خواہ دم کے ساتھ رہا
سخت دشوار تھی رہ عرفاں
جانِ جاں ہر قدم کے ساتھ رہ
ناسمجھ ہیں ’لطیف‘ وہ رہرو
جو تکبّر کے ساتھ چلتے ہیں
ان کی تقدیر میں ہے گمراہی
گھر سے بے راہبر نکلتے ہیں
کیوں پوچھے تو کل کا، آج کی فکر نہ کر،
انکے سنگ تو جا کہ من کی سانس میں یار بسا،
رب کا لے رستہ، چل مستی میں بھی ہشیاری سے۔