ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ…
- (بيت) جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو…
- (بيت) ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ…
- (بيت) صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي…
- (بيت) قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي…
- (بيت) قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو…
- (بيت) قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ…
- (بيت) نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي،…
- (بيت) نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي،…
- (بيت) نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي،…
- (بيت) چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي…
- (بيت) ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا…
- (بيت) ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان…
- (بيت) ”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
- سُر مارئي جَي ڪن فيڪون ۽ قيد جو بيت
قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
رسالن ۾ موجودگي: 69 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مارئي ٿي چوي) مون کي منھنجي تقدير ئي هِتي آڻي قيدي بنايو آهي نہ تہ هِن عمرڪوٽ جي بنديخاني ۾ آءٌ ڪيئن اچان ها. قرآن پاڪ جي آيت ’اسين (انسان) کي سندس ساھ واري رڳ کان بہ ويجها آهيون‘ موجب (مون کي پڪ آهي تہ) آءٌ ضرور موٽي پنھنجي ديس وينديس. (مون کي الله ۾ اميد آهي تہ) آءٌ هڪ ڏينھن ضرور هِنن قيد ڪوٺين مان آزاد ٿي وڃي پنھنجن مائٽن سان ملنديس.
[مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي اها آيت ٻہ دفعا تضمين ٿيل آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:
خفتہ مي بيند عطشهائي شديد،
آب اقرب منـﮧ من حبل الوريد.
(دفتر چهارم ب 3241)
معنيٰ: ننڊ ۾ پيل غافل سخت اڃ محسوس ڪري ٿو، جيتوڻيڪ پاڻي سندس ساھ جي رڳ کان بہ ويجهو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3175
قِسْمَةَ قَيْدِ ڪِيَاسِ نَتَ ڪٖيْرَ اَچٖيْ هِنَ ڪُوْٽَم﮼﮶
وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ وَطَنِ آَءٌ وٖيْدِيَاسِ﮶
مَارُنِکٖيْ مِلَندِّيَاسِ ڪُوْٽِيٌ ڇَڎٖيْ ڪَڎِہٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
क़िस्मत क़ेदि कियसि। न त केर अचे हिन कोट में।
व नह्नु अक़्रबु इलेही मिन हबिलिलवरीदि। वतनि आऊं वेंदियासि।
मारुनि खे मिलंदियासि। कोठियूं छडे॒ कडि॒हीं॥
ROMAN SINDHI
Qismat'a qaid'ay kiyas'ay, na ta ker'a achay hin'a kott'a mayn,
Wa'Nah'nu Aqrab'u Elaehi Min Habl'ay Al'Wareed'ay watan'ay aaun weendiyaas,
maarun'ay khhay milandiyaas'ay, kothhiyoo'n chhadday kaddi'hee'n.
TRANSLATIONS
My destiny is responsible for this captivity. Else who would have come to this fort? (But I rely on Allah) who (as said by Him in the Quran) ‘ is near to us than our jugular vein’, and as such I shall go back to my homeland. But when would it be that I shall leave this mansion and meet my relatives?
Captive of fate I am, who would come to lodge in this prison?
"He is nearer than our jugular vein," I will certainly return to my homeland,
One day I will leave these mansions to meet my people.
کیہڑا آوندا کوٹ تیرے وچ میں کرماں دی ماری
شاہ رگ تھیں ودھ کے پیاری مینوں مارو دھرت پیاری
کدوں ملیگا مارو میرا کدوں ملے رہائی
کیوں آئی یوں قید میں برے تھے مرے نصیب،
وصل ہوا اس یار کا جو ہے، شہ رگ سے بھی قریب،
ملے گا کب وہ حبیب، ٹوٹیں گے کب بندھن۔