قِسمَتَ بابت
معنيٰ
ڀاڳُ، نصيب، لکيو. خدا پاران لکيل تقدير، اڳواٽ کان طئي ڪيل قانون. ورهاست، ورهاڱو، تقسيم، ونڊ، ورڇ. ورهاست جو حصو. حصو، بخرو، ڀاڱو.
Fate, destiny
بيتن ۽ وائين ۾
- قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس، مارُنِ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]