قِسمَتَ جي سنڌي معنيٰ
ڀاڳُ، نصيب، لکيو. خدا پاران لکيل تقدير، اڳواٽ کان طئي ڪيل قانون. ورهاست، ورهاڱو، تقسيم، ونڊ، ورڇ. ورهاست جو حصو. حصو، بخرو، ڀاڱو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fate, destiny
قِسمَتَ جا بيتن ۾ حوالا
قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
English Meaning
Fate, destiny