ڀاڳُ جي سنڌي معنيٰ
بخت. نصيب، قسمت. طالع. تقدير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fate, fortune, destiny.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڀاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا،
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ،
رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ،
جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ نَہ لَھَندِيُون ماڳُ،
جِيءَ جَڙَ ھُيَمِ جَنِ سين، سي لاھي چَڙھِئا لَاڳُ،
ڀينرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَنھِن سين ڪَندِيَسِ چاڳُ،
اَندَرِ ٿِئو اَجهاڳُ سَڌَرُ سُورُ پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 28 ]

تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون،
مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ،
تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن جو سُپِرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 13 ]
مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ،
تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن جو سُپِرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 13 ]
English Meaning
Fate, fortune, destiny.