جوھَرُ جي سنڌي معنيٰ
روح، آتم، اتم، نتيجو، ارڳ، عرق، روشني، جلوو، جان، تت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Essence, soul, spirit, light, result.
جوھَرُ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
English Meaning
Essence, soul, spirit, light, result.