Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ…
- (بيت) اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جٖي…
- (بيت) اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ…
- (بيت) اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي…
- (بيت) تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو…
- (بيت) تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،…
- (بيت) تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،…
- (بيت) تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ،…
- (بيت) تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ…
- (بيت) تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،…
- (بيت) دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي…
- (بيت) ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو…
- (بيت) ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ…
- (بيت) ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا…
- (بيت) ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا…
- (بيت) ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي…
- (بيت) ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي…
- (بيت) ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ…
- (بيت) وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ…
- (بيت) وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين…
- (بيت) پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون…
- (بيت) ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،…
- (بيت) ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،…
- (بيت) ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ…
- (بيت) ھارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪايا…
- (بيت) ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ…
- (بيت) ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون…
- (بيت) ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي ويڄ ۽ دارُون جو بيت
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي طبيب، تون پنھنجي اها طبابت واري ڄاڻ ترڪ ڪر، توکي اسان جي سور جي سبب جي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي (تہ اهو ڇا جي ڪري آهي). اهي جيڪي تون پنھنجي هٿن سان (ملي ۽ مهٽي) گوريون ٺاهي کڻي آيو آهين، اهي وري ٻين پراڻين گورين سان ملائي بند ڪري وڃي رک (بلڪ جيڪڏهن توکان ٿي سگهي تہ) اهو سڄڻ آڻي ڏي، جيڪو منھنجي هن آزار کي صحيح سمجهي سگهي ٿو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1227
وٖيْڃَہ وِڃَايٌ ڇَڎِ دُوْرِ ڪَرٖيْ ٻِئَا ڊَٻَرَا﮶
آَندِيُئِى جٖيْ اَکَنِ لَئِى سٖيْ کُوْرِنِ کَڎِ﮶
صَاحِبُ سُوْئِيْ سَڎِ جُوْ پَرَکَا لَھٖيْ هِنَ پِيْرَ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेज॒ विजा॒ऊं छड॒। दूरि करे बि॒आ डबड़ा।
आंदियई जे अघनि लए। से गोरियूं गोरियुनि गडु॒।
साहिबु सोई सडि॒। जो परखा लहे हिन पीड़ जी॥
ROMAN SINDHI
WeJhh'a wiJhhaoon chhaD, door kare Biya DHabhrra,
Aandeyi je aghan lae, se goriyoon goriyun gaD,
SaHib'u soyi saD, jo parkha lahe hin'a peerr'a jee.
TRANSLATIONS
Oh physician! Lay aside your healing knowledge, cast away all your medicines, and please remove the remedies you brought for treating patients. Just bring the Beloved who can diagnose the root cause of the ailment (I believe He already knows it all).
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)