Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ،
مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي جوڳي (عارف) ’الوهيت‘ واريءَ منزل تي پھتل آهن، هو لاهوت جي منزل مان گذري آيا آهن. هنن جي بدن مان يا سندن واتان ڪنھن اشاري سان ڪابہ ڳالهہ نٿي نڪري (جو هو محويت واريءَ ماٺ ۾ آهن)
[مثنوي روميءَ ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:
هرکه ديد الله را اللهي ست،
هرکه ديد آن بحر را او ماهي ست.
(دفتر سوم ب 3139)
معنيٰ: جنھن الله تعاليٰ کي ڏٺو، اهو الله وارو آهي. ائين جنھن بحر وحدت جو مشاهدو ڪيو، اهو ان سمنڊ جي مڇيءَ وانگر آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2538
جٖيْ آَئِيَا اُلُوْهِيَتَم﮼ لَاهُوْتُ لَنکِّئُوْ جَنِ﮶
مَنجَا تَنِ جُسَنِ حَرْفُ نَہ سُڃٖيْ هٖيْڪِرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आया उलूहियत में। लाहूतु लंघिओ जनि।
मन्झां तनि जुसनि। हर्फ़ु न सुजे॒ हेकिड़ो।
ROMAN SINDHI
Aaya uloohyat'a me, lahoot'u langhiyo jan,
ManJhaan tan jussan, Haraf'u na suJhhe hekrro.
TRANSLATIONS
They have passed the stage of Lahut and entered that of the Divinity. They do not give out a word, nor can their inward condition be ascertained, (or) they are totally purified, and there is no blemish in them.
بزم لاہوت سے گزر آئے
اب ہے دل میں اُلوہیت کی دھوم
دیکھ کر ان کو کچھ پتہ نہ چلا
راز دل کا کسی کو کیا معلوم
پی کے قرب کی منزل پائی، گئے لاہوت سے آگے،
مہر بلب ہیں سارے، لفظ بھی بول نہ پائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،…
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
